قومي اسيمبلي ۾ اڄ اليڪشن ايڪٽ منظوري جو امڪان: مخصوص سيٽن بابت عدالتي فيصلو آئين کان هٽيل آهي: حڪومت

آگسٽ 5, 2024

اسلام آباد/فيصل آباد(بيورو رپورٽ+ م ڊ) قومي اسيمبلي جو اجلاس اڄ ٿيندو، اجلاس جي ايجنڊا جاري ڪئي وئي آهي، اليڪشن ايڪٽ 2017ع ترميمي بل 2024ع جي منظوري به ايجنڊا ۾ شامل آهي

ايجنڊا موجب پارلياماني معاملن واري ڪاميٽي جو چيئرمين 5 آگسٽ جي اجلاس ۾ اليڪشن ايڪٽ جي ترميمي بل تي ڪاميٽي جي رپورٽ پيش ڪندو. ان کان اڳ پارلياماني معاملن بابت اسٽينڊنگ ڪاميٽي 31 جولاءِ تي اليڪشن ايڪٽ ترميمي بل جي اڪثريت راءِ سان منظوري ڏني هئي

ايجنڊا موجب اسٽينڊنگ ڪميٽي جي رپورٽ پيش ٿيڻ کانپوءِ مسلم ليگ ن جو بلال اظهر ڪياني اليڪشن ايڪٽ ۾ ترميمي بل تي فوري غور لاءِ رولز جي معطلي جو بل پيش ڪندو، بل جي منظوري کانپوءِ اليڪشن ايڪٽ ترميمي بل تي غور ڪرڻ جي رٿ پيش ڪئي ويندي، ان کانپوءِ اليڪشن ايڪٽ ترميمي بل جي منظوري جي رٿ پيش ڪئي ويندي

واضع رهي ته قومي اسيمبليءَ جي 30 جولاءِ جي اجلاس ۾ جڏهن مسلم ليگ ن جي ميمبرن اليڪشن ايڪٽ ۾ ترميمي بل پيش ڪيو ته ان بل تي تجزيه نگارن مقصد پي ٽي آءِ کي مليل مخصوص سيٽن بابت سپريم ڪورٽ جي فيصلي کي رد ڪرڻ قرار ڏنو هو. پي ٽي آءِ عمل کي روڪڻ يا اِن ۾ رڪاوٽ پيدا ڪرڻ آهي، تجزيه نگارن جو اهو به چوڻ آهي ته جيڪڏهن هي بل قانون بڻجي ويو ته حڪومت، پارليامينٽ ۽ سپريم ڪورٽ آمهون سامهون ٿي سگهن ٿا

هوڏانهن سُڌ سماءَ جي وفاقي وزير عطاء تارڙ چيو آهي ته مخصوص سيٽن جي ڪيس بابت اڪثريتي فيصلي ۾ آئيني ۽ قانوني جهول آهن، اُن تي ڪيئن عمل ڪيو وڃي؟ بئنچ ۾ شامل ٻن ججز پنهنجي اقليتي فيصلي ۾ سنجيده آئيني سوال اُٿاري ڇڏيا

اُنهن جو جواب ملڻ ۽ جلد تفصيلي فيصلو اچڻ ضروري آهي، عدالتي فيصلي تي عمل ڪيو ويو ته فلور ڪراسنگ قانوني بڻجي ويندي، فيصلي تي عمل لاءِ آرٽيڪل 51، 63 ۽ 106 کي معطل ڪرڻو پوندو، ٻن ججز صحيح نشاندهي ڪئي ته اڪثريتي فيصلو آئين جي آرٽيڪل 175 ۽ 185 جي دائري مان نڪري ڏنو ويو آهي. فيصل آباد ۾ پريس ڪانفرنس ڪندي

وفاقي وزير عطا تارڙ چيو ته مخصوص سيٽن جي فيصلي جي 15 ڏينهن گذرڻ باوجود تفصيلي فيصلو ناهي آيو، مخصوص سيٽن واري معاملي ۾ ان پارٽي کي رليف ڏنو ويو جيڪا درخواستگذار ئي نه هئي، ججن جي اُٿاريل اعتراضن تي جواب اچڻ انتهائي ضروري آهي، هڪ طرفو رليف ڏيڻ سان غلط تاثر پيدا ٿيندو

هن چيو ته مخصوص سيٽن واري فيصلي تي نظرثاني جي درخواست داخل ڪئي آهي، ڇا مستقبل ۾ به ان فيصلي کي جواب بڻائي فلور ڪراسنگ يا پارٽي تبديل ڪري سگهجي ٿي؟ عطا تارڙ چيو ته سني اتحاد ڪائونسل جي چيئرمين آزاد حيثيت سان اليڪشن ۾ حصو ورتو، سني اتحاد ڪائونسل جي آئين ۾ آهي ته ڪو به اقليتي رڪن سندن پارٽي ڪارڪن نٿو بڻجي سگهي

ياد رهي ته ڇنڇر واري ڏينهن مخصوص سيٽن بابت ڪيس ۾ سپريم ڪورٽ جي ججن اقليتي فيصلو جاري ڪيو هو جنهن ۾ چيو ويو هو ته پي ٽي آءِ کي رليف آئين جي ابتڙ ڏنو ويو، فيصلي جي روشني ۾ آئين جي آرٽيڪل 51، 63 ۽ 106 کي معطل ڪرڻو پوندو.

Leave A Comment