The Nixon Moment of Pakistan … آمريڪا – ايران ٽياڪڙيء جي “قيمت” ڪير ڀريندو؟ … عارف انيس

                 واشنگٽن پوسٽ۔ پنجويهه مارچ ٻه هزار ڇويهه۔ صبح جي سرخي: “پاڪستان جون آمريڪا- ايران ڳالهين ۾ ٽياڪڙيء جون ڪوششون تيز ٿي رهيون آهن۔” ايران پاڪستان جي “نيڪ نيتي” جي تعريف ڪئي۔ هڪ پاڪستاني تجزيه نگار “سڌين ڳالهين ۾ تيز ۽ اهم اڳڀرائي” جي تصديق ڪئي۔ وال اسٽريٽ جرنل رپورٽ ڪيو آهي ته انٽرنيشنل ائٽامڪ انرجي ڪميشن جو سربراهه ٻڌائي رهيو آهي ته ڳالهيون ايندڙ ٻن ڏينهن اندر اسلام آباد ۾ شروع ٿينديون۔

                 رائٽرز پنهنجي خاص رپورٽ ۾ چيو: “جيڪڏهن ڳالهيون ٿيون ته اهو پاڪستان جي عالمي اهميت کي ان سطح تائين وٺي ويندو، جيڪا 1971 ۾ نڪسن جي ڳجهي چين دوري جي ٽياڪڙيء کان پوءِ نه ڏٺي وئي آهي۔”

                 ترسو۔ هي جملو ٻيهر پڙهو۔ نڪسن جو چين جو دورو۔ 1971۔ اهو لمحو جڏهن پاڪستان دنيا جي ٻن وڏين طاقتن وچ ۾ پل بڻيو ۽ سرد جنگ جو رخ بدلجي ويو۔ ھاڻي رائٽرز طرفان ساڳئي مقابلي تي ڳالهايو پيو وڃي۔ مشهور ڀارتي اخبار “دي هندو” به ان تي لکيو آهي ته، نڪسن- چين ملاقات ڪرائڻ کان پوءِ پاڪستان ٻه ٽڪرا ٿي ويو۔

هاڻي حقيقتون ملائي ڏسو۔

پنجويهه ڏينهن (تحرير وقت) ٿي ويا آهن۔ اٺاويهين فيبروري تي ٽرمپ ان کي ٻاھتر ڪلاڪن جي راند سمجهي شروع ڪيو هو۔ خامنہ اي کي ختم ڪريو، قيادت کي ختم ڪريو، نظام تبديل ڪريو، ۽ واپس وڃو۔ پر اهو اندازو غلط ثابت ٿيو۔ چاليهه کان وڌيڪ اعليٰ عهديدار مارجي ويا، پر ايران نه لڏيو۔ پنج سئو کان وڌيڪ بيلسٽڪ ميزائل ۽ ٻه هزار ڊرون فائر ڪيا ويا۔ آبنائي هرمز بند ڪئي وئي۔ خليجي ملڪن تي حملا ڪيا ويا۔ آمريڪي فوجي اڏن کي نشانو بڻايو ويو۔ تيرنهن آمريڪي فوجي مارجي ويا۔ روزانو ٻه ارب ڊالر جنگي خرچ۔ پيٽرول جون قيمتون ٽيويھہ ڏينهن لڳاتار وڌنديون رهيون۔

بين الاقوامي توانائي ايجنسي چيو آهي ته هي ستر واري ڏهاڪي جي ٻنهي تيل بحرانن کان به وڌيڪ خراب بحران آهي۔ ٽرمپ پاڻ به اعتراف ڪيو: “اسان اهو نه سوچيو هو ته ايران ٻين ملڪن تي حملا ڪندو۔”

ٽيهه مارچ تي پنجن ڏينهن جي مهلت ختم ٿي رهي آهي۔ ان کان اڳ يا ته جنگبندي ٿيندي يا ٽرمپ ايراني بجلي گهر تباهه ڪندو۔ ايران واضح ڪري ڇڏيو آهي ته جيڪڏهن بجلي گهرن تي حملو ٿيو ته سڄي خليج جي توانائي ۽ پاڻيءَ جي ڍانچي کي تباهه ڪيو ويندو ۽ آبنائي هرمز ۾ بارودي سرنگون وڇايون وينديون۔ جيڪڏهن خليج ۾ پاڻي صاف ڪرڻ وارا پلانٽ تباهه ٿيا ته ڪروڙين ماڻهن کي پيئڻ جو پاڻي نه ملندو۔ تيل جي فراهمي مڪمل بند ٿي ويندي۔ عالمي معيشت تباهه ٿي ويندي۔ هي ٽئين عالمي جنگ جو دروازو آهي۔

هن دروازي کي بند ڪرڻ وارن ۾ سڀ کان اڳيان ڪير آهي؟ اسلام آباد۔

سي اين اين پنجن ذريعن کان تصديق ڪئي: “پاڪستاني هڪ تجويز تي ڪم ڪري رهيا آهن۔ پاڪستاني انٽيليجنس چيف ليفٽيننٽ جنرل عاصم ملڪ وِٽڪاف ۽ ڪشنر سان رابطي ۾ آهي۔ اسلام آباد ۾ هن هفتي ملاقات جي تجويز آهي جنهن ۾ نائب صدر جي ڊي وينس شرڪت ڪري سگهي ٿو۔” رائٽرز موجب: گذريل مهيني ۾ شهباز شريف ۽ پرڏيهي وزير وچ اوڀر جي هم منصبن سان ٽيهه کان وڌيڪ ڀيرا ڳالهيون ڪيون آهن۔ انهن مان اڌ درجن ايران جي عملدارن سان هيون۔ پنجن عملدارن رائٽرز کي ٻڌايو ته پاڪستان جنگ شروع ٿيڻ کان وٺي هيستائين آمريڪا ۽ ايران جي وچ ۾ گهٽ ۾ گهٽ اڌ درجن پيغام پهچايا آهن۔

وينس کي اڳيان آڻڻ جو سبب صاف ظاهر آهي۔ ٽرمپ پاڻ ميز تي ويهي نٿو سگهي، ڇو ته هو هڪ ڌر آهي۔ وِٽڪاف ۽ ڪشنر سڌيءَ ريت ڳالهائي رهيا آهن، پر روبرو ملاقات لاءِ هڪ سينيئر سياسي شخصيت جي ضرورت آهي۔ وينس اهو چهرو آهي، جيڪو بغير ٽرمپ جي ساک کي خطري ۾ وجهڻ جي، ٽرمپ جي طرفان معاهدي تي مُهر لڳائي سگهي ٿو۔

هاڻي امن جا ست ممڪن منظرناما ڏسو۔ هي ذريعن جي اشارن تي ٻڌل منهنجو اندازو آهي۔

پهريون: هرمز واري سامونڊي لنگهه تي عبوري اتفاق۔ واپاري جهازن جي محدود اچ وڃ۔ ايران “ويڙھ کان پري رھندڙ” ملڪن جي جهازن کي اڳ ئي گذرڻ ڏئي رهيو آهي۔ چيني، ترڪ، هندستاني جهاز گذري چڪا آهن۔ هي جزوي اجازت مڪمل اجازت ۾ تبديل ٿي سگهي ٿي۔ ٽرمپ “گڏيل انتظام” جو ذڪر ڪيو آهي۔

ٻيو: توانائي جي ڍانچي تي باهمي پابندي۔ ايران بجلي گهرن تي حملو نٿو ڪري تہ، آمريڪا به نه ڪندو۔ هي پهريون اعتماد سازي وارو قدم ٿي سگهي ٿو۔ وال اسٽريٽ جرنل ٻڌايو ته مصري خفيه ادارن پاسدارانِ انقلاب کي پنجن ڏينهن جي اعتماد سازي واري جنگبندي جي تجويز ڏني آهي۔

ٽيون: اسلام آباد ۾ سڌي ريت ڳالهيون۔ ايراني ۽ آمريڪي وفد الڳ الڳ ڪمرن ۾، پاڪستاني ٽياڪڙ وچ ۾۔ عمان وارو ماڊل۔ 2015 جو ايٽمي معاهدو به انهيءَ طرز تي ٿيو هو۔

چوٿون: ايٽمي پروگرام تي عبوري فارمولو۔ مڪمل خاتمو نه ٿيندو۔ ايران اهو ڪڏهن به قبول نه ڪندو، خاص طور تي جنگ کان پوءِ۔ پر “افزودگي/رچاء جي حد بندي ۽ بين الاقوامي نگراني” جو فارمولو ممڪن آهي۔ ستاويهه فيبروري تي عمان جي پرڏيهي وزير ٻڌايو هو ته ايران ان تي لڳ ڀڳ راضي هو۔

پنجون: خليجي ملڪن جي سلامتي جي ضمانت۔ ايران خليجي ملڪن تي حملا بند ڪري۔ بدلي ۾ خليجي ملڪ پنهنجي سرزمين ايران جي خلاف استعمال ٿيڻ نه ڏين۔ پاڪستان جو سعودي عرب سان دفاعي معاهدو هن ضمانت جو بنيادي ڍانچو فراهم ڪري ٿو۔

ڇهون: لبنان ۾ جنگبندي۔ اسرائيل لاءِ سڀ کان ڏکيو نڪتو۔ نيتن ياهو ڏکڻ لبنان ۾ مستقل موجودگي چاهي ٿو۔ پر آمريڪي دٻاءَ هيٺ عبوري بندوبست ممڪن آهي۔

ستون: پابندين ۾ مرحليوار نرمي بمقابلہ ايراني رعايتون۔ ڊگهيون ڳالهيون۔ مهينن يا سالن تائين پکڙيل۔ پر بنياد هن هفتي رکجي سگهي ٿو۔

معاھدي تي صحي ڪٿي ٿيندي؟ اسلام آباد سڀ کان مضبوط اميدوار آهي۔ مسقط ٻئي نمبر تي۔ دوحا ٽئين نمبر تي۔ پر قطر تي پاڻ ايراني حملا ٿي چڪا آهن، تنهنڪري غيرجانبداري مشڪوڪ آهي۔ عمان روايتي ٽياڪڙ آهي پر هن بحران ۾ گهٽ فعال رهيو آهي۔ ڪوئنسي انسٽيٽيوٽ جي ايڊم وائنسٽائن رائٽرز کي ٻڌايو: “خليجي ملڪن جي ابتڙ پاڪستان ۾ آمريڪي فوجي اڏا ناهن ۽ اهو پاڻ هڪ فوجي طاقت آهي۔”

هاڻي اصل ڳالهه۔ هي معاهدو پاڪستان لاءِ ڪھڙي معنيٰ رکي ٿو؟

رائٽرز هن کي نڪسن جي چين دوري سان ڀيٽيو آهي۔ مان چوان ٿو ته هي ان کان به وڏو معاملو آهي۔ 1971 ۾ پاڪستان صرف پيغام رسائيندڙ هو۔ اڄ پاڪستان ٽياڪڙ آهي، تجويز ڏيندڙ آهي، ميزبان آهي ۽ ضامن آهي۔

ڏسو هڪ سال ۾ ڇا ٿيو آهي۔ مئي 2025 ۾ ڀارت سان جنگ وڙهي ۽ جنگبندي ڪرائي۔ ٽرمپ عاصم منير کي وائيٽ هائوس سڏايو۔ سيپٽمبر ۾ سعودي عرب سان دفاعي معاهدو ڪيو، جيڪو نيٽو جي پنجين شق جهڙو آهي۔

پاڪستان جنوري ۾ ٽرمپ جي بورڊ آف پيس ۾ شامل ٿيو۔ فيبروري ۾ جڏهن ايران جنگ شروع ڪئي ته ٽي مارچ تي ايران کي سعودي عرب تي حملي کان خبردار ڪيو ويو ۽ ايران ان کي سنجيدگي سان ورتو۔ ست مارچ تي سعودي دفاعي معاهدو فعال ٿيو۔ نو مارچ تي بحريه آپريشن “محافظ البحر” شروع ڪيو۔ ويهه مارچ تي شيعه عالمن سان ملاقات ڪري اندروني محاذ سنڀاليو ويو۔ ٻاويهه مارچ تي ٽرمپ سان فون تي ڳالهه ٻولهه ٿي۔ ٽيويهه مارچ تي ٽرمپ حملا ملتوي ڪيا. چوويهه مارچ تي شهباز شريف کلئي نموني ميزباني جي پيشڪش ڪئي ۽ ٽرمپ هڪ ڪلاڪ اندر ان جو اسڪرين شاٽ شيئر ڪيو۔ پنجويهه مارچ تي واشنگٽن پوسٽ لکيو: “ڪوششون تيز ٿي رهيون آهن۔”

سعودي عرب سان دفاعي معاهدو پڪو ٿي ويو۔ ميدان ۾ آزمايو ويو۔ ايران کي به بچايو ويو، ڇو ته جيڪڏهن پاڪستان نه هجي ها ته خليجي ملڪ گڏيل فوجي ڪارروائي ڪري چڪا هجن ها۔ چين جو خاص ايلچي خليجي دوري تي آهي ۽ پاڪستان جي ڪوششن جي حمايت ڪري رهيو آهي۔ روس جنگ جي مذمت ڪئي آهي ۽ پاڪستان کان افغان ٽياڪڙي به گهري آهي۔ مصر ۽ ترڪي سان گڏ هڪ ٽڪنڊو ٺهي چڪو آهي، جيڪو عالمي ڏکڻ جو نئون طاقتور بلاڪ آهي۔ امارات، قطر، بحرين، ڪويت سڀ ڏسي رهيا آهن ته جڏهن ايراني ميزائل انهن جي شهرن تي ڪري رهيا هئا ته ڪير انهن جي ڳالهه ٻڌي رهيو هو ۽ ڪير انهن سان بيٺو هو۔

يار، ڳالهه سڌي آهي۔

پاڪستان جڏهن 1998 ۾ ايٽمي ڌماڪو ڪيو ته دنيا چيو: “هاڻي پاڪستان کي سنجيدگي سان وٺو۔” اڄ جيڪڏهن پاڪستان ايڪيهين صديءَ جي سڀ کان خطرناڪ جنگ کي روڪڻ ۾ ڪامياب ٿئي ٿو ته اها ايٽمي طاقت بڻجڻ کان به وڏي ڳالهه هوندي۔ ايٽمي بم تباهيءَ جي طاقت آهي، جڏهن ته جنگ روڪڻ بچاءَ جي طاقت آهي۔

تباهي ته ڪو به ڪري سگهي ٿو۔ تعمير تمام ٿورا ماڻهو ڪري سگهن ٿا۔ ۽ جيڪڏهن رب هي ڪم انهيءَ ٽٽل، بدحال، قرضن ۾ ٻڏل پاڪستان کان ڪرائي رهيو آهي ته سمجهو ته اها سندس خاص مهرباني آهي۔

پر هڪ ڳالهه ڪن کولي ٻڌو۔

اڃا ڪجهه به نه ٿيو آهي۔ اڃا صرف هڪ دري کلي آهي۔ ٽيهه مارچ تي مهلت ختم ٿي رهي آهي۔ ڪجھه ڏينهن آهن۔ يا ته هن دريءَ مان امن ايندو يا باهه۔ ۽ جيڪڏهن باهه آئي ته، خدا نه ڪري، هي باهه پاڪستان جو جاگرافيائي نقشو تبديل ڪري ڇڏيندي۔ نو سئو ڪلوميٽر ايراني سرحد۔ خليج ۾ لکين مزدور۔ اندر فرقيواراڻي ڇڪتاڻ۔ ٻاهر افغان جنگ۔ هي باهه صرف ايران جي نه هوندي۔ ان ڪري هي ٽياڪڙي خواهش نه، پر مجبوري آهي۔ ايشيئن مرر صحيح لکيو آهي: “هي سفارتي خواهشن سان نه، پر ضرورت سان هلي رهي آهي۔”

پر ضرورت ئي ته ايجاد جي ماءُ آهي۔ ۽ اڄ پاڪستان ايجاد ڪري رهيو آهي – پنهنجي لاءِ، هن خطي لاءِ، ۽ هن دنيا لاءِ۔

واشنگٽن پوسٽ لکيو آهي: “ڪوششون تيز ٿي رهيون آهن۔” رائٽرز لکيو آهي: “نڪسن جي چين دوري کان پوءِ سڀ کان اھم سفارتي لمحو۔” ٽرمپ شهباز شريف جي پوسٽ هڪ ڪلاڪ اندر شيئر ڪئي۔ ايران پاڪستان جي نيڪ نيتيءَ جي تعريف ڪئي۔

هاڻي دعا ڪريو۔ صرف دعا۔ ته ايندڙ ڏينهن ۾ اهو ٿئي، جيڪو ٿيڻ گهرجي۔ ڇو ته جيڪڏهن ائين نه ٿيو ته جيڪو ٿيندو، خدا نه ڪري، اهو ڏيڍ کان ٻه ارب انسانن کي ڳڙڪائي سگهي ٿو۔ ۽ هن باهه ۾ سڀ کان پهرين اهي سڙندا، جيڪي باهه جي سڀ کان ويجهو آهن۔ ۽ باهه جي سڀ کان ويجهو پاڪستان آهي۔ هيءَ پاڪستان جي سڀ کان وڏي آزمائش آهي- ۽ سڀ کان وڏو موقعو به۔ ٻئي گڏ۔ تاريخ ۾ ائين تمام گهٽ ٿيندو آهي۔