ملڪ ۾ سنڌين جو انگ3ڪروڙ کان وڌي ويو:بلوچستان۾5 لک ۽ پنجاب۾3لک سنڌي ڳالهائيندڙ موجود
جُولاءِ 25, 2024
سکر(رپورٽ: ممتاز بخاري) ڊجيٽل آدم ڳڻپ ۾ سموري ملڪ اندر سنڌي ڳالهائيندڙن جو انگ ٽي ڪروڙ 44 لک 1,564 ظاهر ڪيو ويو آهي. تفصيلي انگن اکرن جي تجزيئي بعد اها ڳالهه سامهون آئي آهي ته پوري ملڪ اندر سنڌي ڳالهائيندڙن مان شهرن ۾ رهندڙ سنڌي ڳالهائندڙن جو تعداد هڪ ڪروڙ هڪ لک 98,446 ۽ ٻهراڙي ۾ ٻه ڪروڙ 42 لک 3,118 رهن ٿا. سنڌ ۾ سنڌي ڳالهائيندڙن جي ڪُل آبادي ٽي ڪروڙ 34 لک 62,299 جنهن مان ٻهراڙي ۾ ٻه ڪروڙ 36 لک 5,495 شهرن ۾ 98 لک 56,804 رهن ٿا. ٻين صوبن جي تفيصلن موجب ڪي پي ۾ 0,0191 سنڌي ڳالهائيندڙ موجود آهن. جڏهن ته پنجاب ۾ ٽي لک 52,686 سنڌي موجود آهن ۽ انگن اکرن موجب پنجاب جي سمورن ڊويزنن ۾ سنڌي ڳالهائيندڙ رهن ٿا. انهن مان وڌ ۾ وڌ بهاولپور ڊويزن ۾ هڪ لک 51,622، ڊيراغازي خان ڊويزن ۾ ,113 7، فيصل آباد ڊويزن ۾ 32,578، گجرانولا ڊويزن ۾ 3,2604، لاهور ڊويزن ۾ 6,0444، ملتان ڊويزن ۾ 3,3801، راولپنڊي ڊويزن ۾ 1,9103، ساهيوال ڊويزن ۾ 5,0311 ۽ ساهيوال ڊويزن ۾ 1,7481 تعداد سامهون آيو آهي. سنڌ بعد سنڌي ڳالهائيندڙن جي ٻي وڏي آبادي بلوچستان ۾ پنج لک 55,198 آهي ۽ انهن مان ٻهراڙي ۾ رهندڙن جو تعداد ٽي لک 51,337 ۽ شهرن ۾ ٻه لک 3,861 آهي. گادي واري هنڌ اسلام آباد ۾ 21,362 سنڌين جو تعداد ڏنو ويو آهي جنهن مان شهر ۾ 1,3061 ۽ ٻهراڙي 10,056 رهن ٿا.