سنڌ ۾ سنڌي ٻولي ڳالهائيندڙن جو انگ 60 ڏهائي 14 سيڪڙو آهي: شماريات کاتو

جُولاءِ 18, 2024

سنڌ ۾ سنڌي ٻولي ڳالهائيندڙن جو انگ 60 ڏهائي 14 سيڪڙو آهي، سنڌ ۾ اردو ڳالهائيندڙ 22 ڏهائي 23 سيڪڙو، بلوچي ڳالهائيندڙ 2  ڏهائي 17 سيڪڙو ۽ ٻيون ٻوليون ڳالهائيندڙ 15 ڏهائي 38 سيڪڙو آهن، سنڌ جي ڪل آبادي 5 ڪروڙ 56 لک 90 هزار آهي

 شماريات کاتي ڊجيٽل آدمشماري 2023 جا انگ اکر جاري ڪري ڇڏيا، ڊجيٽل آدمشماري موجب سنڌ جي ڪل آبادي مان 52 ڏهائي 10 سيڪڙو مرد ۽ 47 ڏهائي 90 سيڪڙو عورتون آهن

ڊجيٽل آدمشماري جي انگ اکرن موجب ملڪ ۾ سڀ کان وڌيڪ گئس پيدا ڪندڙ سنڌ جا 49 ڏهائي 32 سيڪڙو گهراڻا گئس تي رڌ پچاءُ ڪن ٿا

جاري انگ اکرن موجب سنڌ جا 44 ڏهائي 80 سيڪڙو گهراڻا اڄ به ڪاٺين تي رڌ پچاءُ ڪن ٿا، سنڌ جا 4 ڏهائي ٻڙي 7 سيڪڙو گهراڻا جانورن جي ڇيڻن تي رڌ پچاءُ ڪن ٿا

 ڊجيٽل آدمشماري موجب سنڌ جي 70 ڏهائي 33 سيڪڙو آباديءَ کي بجلي جي سهولت حاصل آهي، 12 ڏهائي 58 سيڪڙو گهراڻا سولر استعمال ڪري رهيا آهن

 ڊجيٽل آدمشماري موجب سنڌ جي سڀ کان وڏي شهر ڪراچي جي آبادي هڪ ڪروڙ 88 لک 60 هزار آهي، حيدرآباد جي ڪل آبادي 19 لک 20 هزار ظاهر، سکر جي آبادي 5 لک 60 هزار ۽ لاڙڪاڻي جي آبادي 5 لک 50 هزار آهي

Leave A Comment