هڪ لک ووٽن جي ليڊ سان هارائيندڙ ماڻهو به احتجاج پيا ڪن: وڏو وزير مراد علي شاهه
فيبروري 28, 2024
هڪ لک ووٽن جي ليڊ سان هارائيندڙ ماڻهو به احتجاج پيا ڪن، مخالفن کي اليڪشن وڙهڻ لاءِ پولنگ ايجنٽ به نه پئي مليا، مريم نواز رڳو اعلان ڪيا آهن اسان پنهنجي صوبي ۾ ڪم به شروع ڪري ڇڏيا آهن: وڏي وزير مراد علي شاهه جون ڳڙهي خدابخش ۾ شهيدن جي مزار تي حاضري بعد ميڊيا سان ڳالهيون، مراد علي شاهه چيو ته شهيد صحافي جان محمد مهر جي قاتلن کي گرفتار ڪيو ويندو، سنڌ جي عوام پيپلزپارٽي کي هيل وڌيڪ ووٽ ڏنا، اسان عوام جي وڌيڪ خدمت ڪنداسين، وڏي وزير ڳڙهي خدا بخش ۾ شهيدن جي مزارن تي چادرون چاڙهي فاتحه پڙهي، ان کان اڳ مراد علي شاهه کي سي ايم هائوس ڪراچي پهچڻ تي گارڊ آف آنر ڏنو ويو، سنڌ پوليس جي جٿي پاران وڏي وزير کي گارڊ آف آنر پيش ڪندي سلامي ڏني وئي، وڏي وزير سي ايم هائوس ۾ آءِ جي سنڌ سان امن امان بابت گڏجاڻي ڪئي، وڏي وزير چيف سيڪريٽري سان صوبي جي مالي معاملن بابت گڏجاڻي به ڪئي