ڌاڙيلن خلاف آپريشن تيز ڪرڻ جو حڪم: اهلڪارن کي جديد هٿيارن ۽ ڊرون جي سکيا جي هدايت

جُون 22, 2024

ڪراچي (اسٽاف رپورٽر) وڏي وزير مراد شاهه پاران شڪارپور، گهوٽڪي ۽ ڪشمور جي ڪچي ۾  ڌاڙيلن خلاف آپريشن تيز ڪرڻ جو حڪم، آپريشن ۾ حصو وٺندڙ فورسز  لاءِ وڌيڪ 20 ڊرون خريدڻ جي منظوري، ڪالهه وزيراعليٰ هائوس ۾ وڏي وزير مراد علي شاهه جي صدارت هيٺ سيف سٽي پروجيڪٽ، ڪچي ۾ ڌاڙيلن ۽ ڪراچي ۾ اسٽريٽ ڪرمنلز خلاف آپريشن،  ڪائونٽر ٽيررازم ڊپارٽمينٽ (سي ٽي ڊي) جي مضبوطي بابت اجلاس ٿيو، اجلاس کي ٻڌايو ويو ته شڪارپور، گهوٽڪي ۽ ڪشمور ضلعن ۾ تجربيڪار ايس ايس پيز کي مقرر ڪيو ويو آهي ته جيئن ڪچي ۾ ڌاڙيلن خلاف آپريشن تيز ڪيو وڃي. ڪچي ۾ آپريشن لاءِ شڪارپور، گهوٽڪي ۽ ڪشمور ضلعن ۾ 200 آر آر ايف اهلڪار ( 14 پلاٽون) مقرر ڪيا ويا آهن. سنڌ پوليس ۽ رينجرز ڪچي ۾ ڳجهي اطلاع ملڻ تي گڏيل آپريشن ڪيو آهي. وڏي وزير آءِ جي پوليس کي هدايت ڪئي ته ڪچي ۾ آپريشن ۾ حصو وٺندڙ پوليس اهلڪارن کي خاص تربيت ڏني وڃي. جنهن تي  آءِ جي پوليس ٻڌايو ته ڪچي ۾ مقرر پوليس اهلڪارن کي پستول، ايم پي 5 ايس ۽ SMG ۽ G3 رائفلن جي تربيت ڏني پئي وڃي. گهرو وزير ضياءَ لنجار ٻڌايو ته سکر، گهوٽڪي، ڪشمور ۽ شڪارپور ضلعن جي پوليس کي 14 ڊرون ڏنا ويا آهن هن مطالبو ڪيو ته پوليس لاءِ وڌيڪ 20 ڊرون خريد ڪرڻ جي منظوري ڏني وڃي، وڏي وزير واهه انڊسٽريز کان 2 ڪلوميٽرن جو مفاصلو ڪور ڪندڙ 20 ڊرون خريد ڪرڻ جي منظوري ڏئي ڇڏي.هن آءِ جي پوليس کي هدايت ڪئي ته پوليس اهلڪارن کي ڊرون اڏائڻ جي تربيت ڏني وڃي. اجلاس کي ٻڌايو ويو ته ڌاڙيلن خلاف آپريشن ۾ حصو وٺندڙ پوليس اهلڪارن کي سنائپر شوٽنگ جي تربيت ڏني وئي هئي. سيف سٽي پراجيڪٽ  بابت ٻڌايو ويو ته سي سي ٽي وي ڪيميرائون 30 جون 2024ع تي چين کان روانيون ٿينديون، ايندڙ هفتي جي آخر تائين مڪمل سولر سليوشن وارا ٿنڀا لاهور کان ڪراچي موڪليا ويندا. فائبر آپٽڪ ڪيبل سميت لاڳاپيل سامان خريد ڪيو ويو آهي،  80 ترجيحي سائيٽن لاءِ رائٽ آف وي گهريو ويو آهي، اجازت ملڻ بعد ڪم شروع ڪيو ويندو، ڪراچي ۾ مواصلاتي سامان سان ليس فور بائي فور جون ايمرجنسي ريسپانس گاڏيون (ERV) موجود آهن، وڌيڪ ERVs ايندڙ هفتي هريپور NRTC هيڊ ڪوارٽر کان ڪراچي منتقل ٿينديون  وڏي وزير چيو ته سي ٽي ڊي جي حيدرآباد، ميرپورخاص، سکر ۽ لاڙڪاڻي ۾ ريجنل ڪامپليڪسن جي تعمير لاءِ 2.8 ارب رپيا منظور ڪيا آهن.  هن آءِ جي پوليس کي هدايت ڪئي ته عمارتن جي تعمير جو ڪم تيز ڪيو وڃي.

Leave A Comment