جنهن شخص پاڪستان کي ٽڪرا ڪيو ان جي مجسمن سان بنگلاديش ۾ ڇا ٿيو؟: وزيراعظم شهباز شريف

آگسٽ 21, 2024

اسلام آباد (بيورو رپورٽ) وزيراعظم شهباز شريف چيو آهي ته جنهن ماڻهو پاڪستان کي ورهايو، اُن جي مجسمن سان بنگلاديش ۾ ڇا ٿيو؟ اوڀر پاڪستان اسان جو حصو هو، پر بدقسمتي سان ڌار ٿي ويو، وڌيڪ نه چوندس ته هڪ چوڻي آهي ته ”جهڙي ڪرڻي تهڙي ڀرڻي“.يوٿ ڪنوينشن کي خطاب ڪندي وزيراعظم چيو ته ورهاڱي پاڪستان کي گهڻو نقصان پهچايو، اڄ ملڪ ۾ ڏڦيڙ نه، پر ٻڌي جي ضرورت آهي، ملڪ ۾ گذريل ڪجهه سالن دوران ڪجهه غلطين سبب دهشتگردي واپس موٽي آئي، ٽئڪس اوڳاڙين ۽ ايڪسپورٽ جي چئلينجز کي منهن ڏئي رهيا آهيون، پاڪستان جي وحدت جي علامت آئين آهي، جنهن تي ڪوبه اختلاف ناهي، يوٿ ڪنوينشن ۾ آرمي چيف جنرل عاصم منير به شرڪت ڪئي، وزيراعظم چيو ته سپهه سالار سان گڏ هڪ جان ٿي پاڪستان لاءِ ڪم ڪنداسين. وزيراعظم شهباز شريف چيو ته مان ملڪ جو خادم ۽ پاڪ فوج جي سپهه سالار سان گڏجي خدمت ڪري رهيو آهيان، ادارا پنهنجي دائرن ۾ رهي خدمت نه ڪندا ته ايندڙ نسل معاف نه ڪندا، هن چيو ته پاڪستان ۾ دهشتگردي جي خاتمي لاءِ 70 هزار پاڪستانين جانيون ڏنيون، دهشتگردي خلاف جنگ ۾ زندگي جي هر شعبي جي فرد حصو وڌو، دهشتگردي خلاف جنگ ۾ پاڪستان کي 150 ارب ڊالرن جو نقصان ٿيو، اسان جي معيشت کي 150 ارب ڊالرن جو نقصان ٿيو پر دنيا رڳو 20 ارب ڊالر ڏنا.

Leave A Comment