فلسطين جي ويڙهاڪ تنظيم حماس جو سياسي سربراهه اسماعيل هنيه ايران ۾ قاتلاڻي حملي ۾ محافظ سوڌو شهيد

جُولاءِ 31, 2024

فلسطين جي ويڙهاڪ تنظيم حماس جو سياسي سربراهه اسماعيل هنيه ايران ۾ قاتلاڻي حملي ۾ محافظ سوڌو شهيد، اسماعيل هنيه نئين چونڊيل ايراني صدر جي حلف برداري تقريب ۾ شرڪت لاءِ تهران ۾ موجود هو، ايراني ميڊيا جو چوڻ آهي ته اسماعيل هنيه کي تهران ۾ سندس رهائشگاهه تي حملو ڪري قتل ڪيو ويو، ايراني حڪومت جو چوڻ آهي ته اسماعيل هنيه جي شهادت جي مڪمل جاچ ڪري حقيقتون سامهون آنديون وينديون، سعودي ميڊيا الحدث موجب اسماعيل هنيه جي تهران واري رهائشگاهه تي گائيڊڊ ميزائيل ذريعي حملو ڪيو ويو، حماس پاران جاري ڪيل بيان ۾ چيو ويو آهي ته اسماعيل هنيه کي يهودي ايجنٽن نشانو بڻايو، حماس جي اڳواڻ موسيٰ ابو مرزوق چيو ته بزدلاڻي ڪارروائي جو پلاند وٺنداسين، اسماعيل هنيه جي قاتلن کي سخت سزا ڏينداسين، اسرائيل اسماعيل هنيه جي قتل سان پنهنجا مقصد حاصل ڪرڻ ۾ ناڪام رهندو، حماس جي سينيئر ترجمان سامي ابو زهري چيو آهي ته هاڻي والاريل بيت المقدس کي آزاد ڪرائڻ لاءِ کليل جنگ ٿيندي، حماس ان جنگ لاءِ هر قيمت ادا ڪرڻ لاءِ تيار آهي، فلسطيني صدر محمود عباس پاران به اسماعيل هنيه جي قتل جي مذمت، فلسطيني صدر چيو ته اسماعيل هنيه جي قتل سان وچ اوڀر جون حالتون وڌيڪ خراب ٿينديون، اسماعيل هنيه 1980 جي ڏهاڪي ۾ حماس ۾ شامل ٿيو هو، 2006 ۾ اسماعيل هنيه فلسطين اٿارٽي جو وزيراعظم نامزد ٿيو هو، اسماعيل هنيه آزاد فلسطيني رياست جي قيام لاءِ حماس جي سياسي سفارتڪاري جو چهرو هو

Leave A Comment