سنڌ جي گورنر جي تبديلي جا امڪان: بشير ميمڻ جو نالو ٻيهر گردش هيٺ
آگسٽ 10, 2024
ڪراچي/ اسلام آباد/ مٽياري (نمائندن وٽان) سنڌ جي گورنر جي تبديلي جا امڪان: هڪ ڀيرو ٻيهر بشير ميمڻ جو نالو گردش هيٺ، آزاد ذريعن موجب وفاقي سرڪار سنڌ جي گورنر ڪامران ٽسوري کي ھٽائي سندس جاءِ تي ايف آءِ اي چيف رهندڙ بشير ميمڻ کي سنڌ جو گورنر مقرر ڪرڻ تي غور ڪري رهي آهي
ذريعن موجب پ پ ۽ نواز ليگ ۾ ٿيل معاھدي تحت سنڌ ۽ بلوچستان جا گورنر نواز ليگ جا مقرر ٿيڻا آهن، انهي فارمولا تحت بلوچستان ۾ نواز ليگ جي صوبائي صدر کي گورنر مقرر ڪيو ويوآهي
نوازليگ پاران مختلف وقتن تي گورنر لاءِ بشير ميمڻ جو نالو تجويز ڪيو ويو پر پ پ قيادت پاران انھي نالي تي اعتراض واريا ويا ھئا ـ جنهن بعد پ پ ۽ ن ليگ جي قيادت ۾ انھي نالي تي ڳالهيون ٿينديون رھيون
ٻئي طرف بشير ميمڻ جي ڀاءِ نصير ميمڻ پنهنجي اخبار پاران رابطي تي ٻڌايو ته بشير ميمڻ جي حوالي سان جلد وڏي خبر اچڻ واري آهي، اسان هن وقت ميٽنگ ۾ ويٺل آهيون، وڌيڪ ٻڌائي نٿا سگهون
هوڏانهن اطلاعات واري وفاقي وزير عطا تارڙ چيو آهي ته مونکي گورنر سنڌ جي تبديلي واري فيصلي جي ڄاڻ ناهي، وزيراعظم جي ڪراچي جي دوري دوران اهڙي ڪا ڳالهه ناهي ٿي،هن چيو ته نائب وزيراعظم اسحاق ڊار جي انهي مسئلي تي بلاول ڀٽو سان ڪا ڳالهه ٻولهه ناهي ٿي
ٽسوري گورنر رهندو: بشير ميمڻ جو افواهه آهي: خالد مقبول
ڪراچي: متحده جي سربراهه ۽ وفاقي وزير ڊاڪٽر خالد مقبول صديقي متحده جي گورنر ڪامران ٽسوري کي هٽائي نواز ليگ جي بشير ميمڻ کي گورنر مقرر ڪرڻ کي افواهه قرار ڏيندي چيو آهي ته وفاقي حڪومت اهڙو فيصلو ڪرڻ کان اڳ اسان کي اعتماد ۾ وٺي ها، هن چيو ته وزيراعظم جي ڪراچي ياترا دوران آئون گڏ هئس، اتي اهڙي ڪا ڳالهه ٻولهه ناهي ٿي