حڪومت ۽ ادارن ۾ مثالي سهڪار آهي (وزيراعظم) شريعت ۽ آئين کي نه مڃيندڙن کي پاڪستاني نٿا مڃون: آرمي چيف
آگسٽ 9, 2024
اسلام آباد (بيورو رپورٽ) وزيراعظم شهباز شريف چيو آهي ته جيترو سهڪار اڄ حڪومت ۽ ادارن ۾ آهي، اوترو پهرين ڪڏهن ناهي ڏٺو، هر هر چوڻو پيو ته چوندس اڄ حڪومت ۽ ادارا ٻه دليون هڪ جان آهن، ملڪي معيشت کي سنڀالڻ لاءِ سپهه سالار مشاورت ۾ شامل آهي، هُن سان ڏينهن رات مشورا ٿي رهيا آهن، علماءَ مشائخ ڪانفرنس کي خطاب ڪندي وزيراعظم چيو ته مڪمل مشاورت آهي ته پاڪستان کي ڏکيائين مان ڇوٽڪارو ڏياريو وڃي، پاڪستان کي پاڻڀرو ڪرڻ جو اهو ئي طريقو آهي، بجلي 200 يونٽن تائين رليف ڏنو آهي پر نواز شريف، آرمي چيف، بلاول ڀٽو ۽ آصف زرداري سان به مشاورت ٿي رهي آهي ته اهو ڪافي ناهي، آصف زرداري سان ڪالهه به ڳالهه ٻولهه ٿي هئي، هيل تائين جيڪو ڪري سگهيا آهيون، اُهو ڪافي ناهي، اتحادي حڪومت جون ڪاميٽيز جامع پلان تي ڪم ڪري رهيون آهن، وزيراعظم چيو ته عوام کي بجلي جي اگهن جي بار کان مڪمل آزاد شايد نه ڪرائي سگهون، پر بار گهٽائڻ جي پوري ڪوشش آهي، خدا ڪري ته آءِ ايم ايف جو ايندڙ پروگرام آخري پروگرام ثابت ٿئي، علماء ڪانفرنس کي خطاب ۾ وزيراعظم چيو ته سوشل ميڊيا تي شهيدن جي بي حرمتي ڪئي پئي وڃي، سوشل ميڊيا تي ڪوڙ ڳالهايو ٿو وڃي، 9 مئي کان وڌيڪ دل ڏکوئيندڙ واقعو ملڪي تاريخ ۾ نه ٿيو آهي، آئون اِن تي نه ڳالهائيندس ته 1971ع ۾ پاڪستان کي ٻه اڌ ڪندڙ ڪردارن سان اڄ ڪهڙو ورتاءُ ٿي رهيو آهي، پر اهو ضرور چوندس توهان جيڪو پوکيندا آهيو، اُهو ئي لُڻِيندا آهيو، فتنه خوارج اسلامي تاريخ ۾ تباهي وارو ڪردار ادا ڪيو، نفرت جي سياست ۽ ڏڦيڙ جي خاتمي لاءِ عالمن کان وڌيڪ اثرائتو آواز نٿو ٿي سگهي، سندن ذميواري آهي ته معاشري ۾ ڏڦيڙ ختم ڪرائين ته جيئن ملڪ خوشحالي ڏانهن وڌي، حافظ قرآن سپهه سالار جون جامع ڳالهيون اسان جي لاءِ مشعل راهه آهن. ان موقعي تي آرمي چيف جنرل عاصم منير چيو آهي ته جيڪو شريعت ۽ آئين کي نٿو مڃي، اسان اُن کي پاڪستاني نٿا مڃون، اسان ماڻهن کي چئون ٿا احتجاج ڪرڻو آهي ته ڀلي ڪريو، پر پُرامن رهو، آرمي چيف جنرل عاصم منير علماء مشائخ ڪانفرنس کي خطاب ڪندي وڌيڪ چيو ته اسمگلرز مافيا ۽ ڏوهاري دهشتگردي جي پُٺڀرائي ڪن ٿا، سوشل ميڊيا وسيلي ڏڦيڙ پکيڙيو ويندو آهي، ڪنهن پاڪستان ۾ ڏڦيڙ جي ڪوشش ڪئي ته رب جو قسم اُن جي اڳيان بيهي رهنداسين، خوارج هڪ وڏو فتنو آهي، اسان کين سمجهائي رهيا آهيون، فتنه خوراج جي ڪري پاڙيسري برادر اسلامي ملڪ ۽ پُراڻي دوست جي مخالفت نه ڪريو، جيڪڏهن رياست جي اهميت ڄاڻڻي آهي ته عراق، شام ۽ لبيا کان پُڇو، جيڪي چوندا هئا ته اسان ٻه قومي نظرئي کي نار بنگال ۾ ٻوڙي ڇڏيو، اُهي اڄ ڪٿي آهن؟، دنيا جي ڪا به طاقت پاڪستان کي نقصان پهچائي نه ٿي سگهي، هي ملڪ قائم رهڻ لاءِ ئي ٺهيو آهي. آرمي چيف چيو ته عالم اعتدال پسندي کي معاشري ۾ واپس آڻين ۽ فساد في الارض جا انڪاري ٿين، الله جي ويجهو سڀني کان وڏو ڏوهه فساد في الارض آهي. پاڪ فوج الله جي حڪم موجب فساد في الارض جي خاتمي لاءِ جدوجهد ڪري رهي آهي، الله تعاليٰ جو فرمان آهي ته دين ۾ جبر نه آهي، ناموس رسالت تي ڳالهيون ڪندي آرمي چيف چيو ته ڪنهن کي همت نه آهي جو رسول پاڪ صلي الله عليه وسلم جي شان ۾ گستاخي ڪري سگهي، ڪنهن پاڪستان ۾ انتشار جي ڪوشش ڪئي ته رب ڪريم جي قسم، اسان انهي جي اڳيان بيٺل هونداسين، عالم علماءِ مشائخ کي عرض آهي ته هو شدت پسندي يا تفرقي جي بجاءِ صبر ۽ اتحاد جي ترغيب ڏين، مغربي تهذيب ۽ رهڻي ڪهڻي اسان جو آئيڊيل نه آهي، اسان کي پنهنجي تهذيب تي فخر هجڻ گهرجي، آرمي چيف چيو ته ڪشمير جو ورهاڱو ڀارت ۽ پاڪستان جو نامڪمل ايجنڊا آهي، فلسطين ۽ غزا تي ٿيندڙ ظلم ڏسي دل رت جا ڳوڙها روئي ٿي، فلسطين مان اسان کي سبق ملي ٿو ته اسان کي پنهنجو بچاءُ ڪرڻو آهي ۽ پاڪستان کي مضبوط ڪرڻو آهي.