پي ٽي آءِ کي اجازت نه ملي، حڪومت جماعت اسلامي کي به ڊي چوڪ وڃڻ کان روڪي ڇڏيو، چڪريون، 1150 ڪارڪن گرفتار، ڌرڻو

جُولاءِ 27, 2024

اسلام آباد/راولپنڊي (بيورو رپورٽ  م ڊ) بجلي جي ڳرن بلن، ٽيڪسن ۽ مهانگائي خلاف جماعت اسلامي جو اسلام آباد ۾ احتجاج، ڇڪتاڻ، ڪيترائي ڪارڪن گرفتار، جماعت اسلامي پاران مختلف هنڌن تي ڌرڻن جو اعلان، حڪومت پاران ڳالهين جي آڇ، مري روڊ تي ئي ڌرڻي جي مشروط اجازت، لياقت باغ ۾ ڌرڻو هنيو ويو، تفصيل موجب پي ٽي آءِ جي احتجاج ۽ جماعت اسلامي جي ڌرڻي کي روڪڻ لاءِ اسلام آباد انتظاميا مختلف هنڌن تي ڪنٽينر لڳائي روڊ رستا سيل ڪري ڇڏيا، راولپنڊي کان فيض آباد ۽ اسلام آباد ۾ داخل ٿيندڙ مرڪزي رستي ايڪسپريس وي زيرو پوائنٽ پل تي ڪنٽينرز لڳايا ويا، سري نگر هاءِ وي کي زيرو پوائنٽ وٽان ڪنٽينر هڻي بند ڪيو ويو، زيرو پوائنٽ کان آبپاره ويندڙ رستي کي به بند ڪيو ويو، جڏهن ته رنڊڪون ٽوڙي ايڪسپريس چوڪ تي پهتل مظاهرين کي گرفتار ڪيو ويو، ڊي چوڪ وٽ به مظاهرين گڏ ٿيڻ شروع ٿي ويا، پوليس مظاهرين کي ڊي چوڪ خالي ڪرڻ جي وارننگ ڏني جتي ڇڪتاڻ واري صورتحال رهي، جماعت اسلامي جي ترجمان چيو آهي ته پوليس نائب امير لياقت بلوچ جي گهر تي ڇاپو هڻي 2 ملازمن کي گرفتار ڪيو آهي، جماعت اسلامي بجلي جي ڳرن بلن ۽ مهانگائي خلاف اڄ ڌرڻو هڻڻ جو اعلان ڪيو هو. اسلام آباد پوليس ڊي چوڪ تان ڪيترن ئي ڪارڪنن کي گرفتار ڪري ورتو، گرفتار ڪارڪنن ۾ کي قيدي وين ۾منتقل ڪيو ويو، جڏهن ته راولپنڊي ۾ ميٽرو بس سروس به بند رهي جنهن سبب مسافرن کي سخت پريشاني جي منهن ڏسڻو پئجي ويو، مقامي انتظاميا موجب، احتجاج کي نظر ۾ رکندي اسلام آباد ۾ به آءِ جي پي کان پاڪ سيڪريٽريٽ تائين ميٽرو بس سروس بند ڪئي وئي. هوڏانهن جماعت اسلامي طرفان لاهور، گجرات، وهاڙي، سرگوڌا، حافظ آباد ۽ فيصل آباد مان ڪيترن ئي ڪارڪنن جي گرفتاري جي دعوي ڪئي وئي، اسلام آباد ۾ وٺ پڪڙ کانپوءِ جماعت اسلامي پلان بي جو اعلان ڪيو جنهن تحت مري روڊ راولپنڊي، زيرو پوائنٽ اسلام آباد ۽ چورنگي نمبر 26 تي ڌرڻو هڻڻ جو اعلان ڪيو ويو، ڪارڪنن کي ڌرڻي واري هنڌ پهچڻ جي هدايت ڪئي وئي، ڪارڪنن کي اها به هدايت ڪئي وئي ته جتي به رستو بند ڪيو وڃي اتي ڌرڻو هنيو وڃي، جماعت اسلامي پاران اهو به چيو ويو ته ڪراچي کان چترال تائين احتجاج ڪيو ويندو. جماعت اسلامي جي ترجمان چيو ته حڪومت فسطائيت تي لهي آئي آهي، تشدد ۽ گرفتارين جي مذمت ڪريون ٿا، هيل تائين 1150 ڪارڪنن کي گرفتار ڪيو ويو آهي، بجلي بلن ۾ گهٽتائي ۽ پگهاردار طبقي تي ٽيڪس جي خاتمي تائين ڌرڻو جاري رهندو، حڪومت پاران جماعت اسلامي کي ڳالهين جي آڇ ڪئي وئي، سڌ سماءَ واري وفاقي وزير عطاءُ تارڙ جماعت اسلامي سان ڳالهين لاءِ مذاڪراتي ٽيم ٺاهڻ تي اتفاق ڪيو. هن چيو ته لياقت باغ ۾ احتجاج تي معاهدي کانپوءِ اسلام آباد طرف مارچ ڪرڻ جو ڪو جواز ناهي، حڪومت حافظ نعيم الرحمان سان ڳالهين لاءِ تيار آهي، حڪومت هن وقت معاشي بحالي جي ايجنڊا تي عمل ڪري رهي آهي، لياقت باغ ۾ هر سهولت فراهم ڪنداسين، ڊي چوڪ جي روايت ختم ٿيڻ گهرجي. لياقت باغ راولپنڊي ۾ ڌرڻي کي خطاب ڪندي حافظ نعيم الرحمان چيو آهي ته حڪومتي رڪاوٽن باوجود ايڏي وڏي تعداد ۾ ڪارڪن پهتا، ڌرڻو ختم نه ٿيندو، پر هاڻي شروعات آهي. اسان 25 ڪروڙ ماڻهن کي انهن جو حق ڏيارڻ آيا آهيون. پورو پاڪستان ڌرڻي طرف ڏسي رهيو آهي. مايوس نوجوانن کي اميد ڏيارڻ پهتا آهيون. فارم 47 جي پيداوار حڪومت اڄ فسطائيت جي انتها ڪئي آهي. اسان پر امن ماڻهو آهيون، اسان جي ڪارڪنن کي آزاد ڪيو وڃي. حڪومت ڪيترا ماڻهو گرفتار ڪندي هر ڏينهن گذرڻ سان گڏ تعداد ۾ اضافو ٿيندو ويندو. هن چيو ته تحريڪ ۾ اسان کي پر امن رهڻو آهي. آءِ پي پيز کي بند ڪرڻو پوندو، پگهاردار طبقي تان ٽيڪس ختم ڪرڻو پوندو، هن چيو ته في الحال اسان پلان بي جي پهرين حصي تي عمل ڪيو آهي. ڊي چوڪ ضرور وينداسين. حافظ نعيم الرحمان چيو ته پهريان مري روڊ طرف وينداسين. اسان جو ايندڙ ڌرڻو مري روڊ تي هوندو. مشاورت بعد اڳتي جي حڪمت عملي جوڙينداسين. هوڏانهن حڪومتي ٽيم ۽ جماعت اسلامي ۾ ڳالهيون ٿيون، ذريعن موجب جماعت اسلامي قيادت ۽ انتظاميا ۾ ڳالهيون ڪامياب ٿي ويون، مري روڊ تي ئي 2 کان 3 ڏينهن تائين ڌرڻو هڻڻ جي مشروط اجازت ڏني وئي، ٽريفڪ بلاڪ نه ڪئي ويندي نه ئي امن  ۾خلل وڌو ويندو.

اسلام آباد (بيورو رپورٽ) پي ٽي آءِ کي اسلام آباد ۾ احتجاج جي اجازت نه ملي، احتجاج ملتوي ڪرڻ جو اعلان ڪيو جڏهن ته اسلام آباد هاءِ ڪورٽ تحريڪ انصاف کي احتجاج جي اجازت ڏيڻ واري درخواست تي فيصلو محفوظ ڪري ورتو، ايڊووڪيٽ جنرل اسلام آباد هاءِ ڪورٽ ۾ چيو ته پي ٽي آءِ کي هينئر احتجاج جي اجازت نٿا ڏئي سگهون، جماعت اسلامي ۽ جي يو آءِ ف کي به اجات ناهي ڏني، اسان سڄو اسلام آباد  بند ڪيو آهي، جسٽس ثمن رفعت چيو ته اهڙيون ڳالهيون نه ڪريو، جنهن سان توهان جي نااهلي سامهون اچي، توهان پاڻ کي بي يارو مدگار ثابت نه ڪريو، توهان حڪومت آهيو، پاڙي ۾ اسان جا ڪيترا دشمن ويٺا آهن، اُهي ٻڌندا ته ڪهڙو تاثر ويندو، اي جي چيو ته دشمن کي منهن ڏئي وينداسين، پنهنجن جي معاملن ۾ ڏُکيائيون ٿين ٿيون، جسٽس ثمن رفعت چيو ته پوءِ عدالت لکي ڇڏي ته حڪومت بي وس آهي، جيڪا ٽن ڏينهن ۾ حالتون ڪنٽرول نٿي ڪري سگهي، ايڊووڪيٽ جنرل چيو ته عدالت کي جيڪو آرڊر ڏيڻو آهي ڏئي، انتظاميا اجازت نٿي ڏئي سگهي، عدالت اسلام آباد ۾ احتجاج جي معاملي تي پي ٽي آءِ ۽ ضلعي انتظاميا کي هڪ ٻئي سان ٻن ڪلاڪن ۾ مشاورت جو حڪم ڏنو هو، وقفي کانپوءِ جسٽس ثمن رفعت چيو ته توهان پي ٽي آءِ کي سومر ڏينهن احتجاج جي اجازت ڏيو، ايڊوڪيٽ جنرل اسلام آباد چيو ته سومر ڏينهن اجازت نه ٿا ڏئي سگهون، خبر نه آهي ته سومر ڏينهن ڪهڙيون حالتون هونديون، جيڪڏهن جماعت اسلامي جو ڌرڻو ڊگهو ٿي ويو ته پوءِ اجازت نه ٿا ڏئي سگهون، عدالت اسلام آباد ۾ احتجاج جي اجازت بابت پي ٽي آءِ جي درخواست تي فيصلو محفوظ ڪري ورتو. هوڏانهن پي ٽي آءِ ڪالهه اسلام آباد ۾ رٿيل احتجاج ملتوي ڪري ڇڏيو، پارليامينٽ هائوس آڏو بُک هڙتال ڪئمپ به نه لڳائڻ جو فيصلو ڪيو، پي ٽي آءِ جي ريجنل صدر عامر مغل چيو آهي ته ڊي سي پاران احتجاج جي اجازت نه ڏيڻ تي عدالت سان رابطو ڪيو، عدالت به هيل تائين لکت ۾ اجازت ناهي ڏني، عدالتي حڪم جو احترام ڪندي سومر تائين احتجاج ملتوي ڪيو آهي، ذريعن موجب پي ٽي آءِ جا پارليامينٽيرينز پنهنجي پنهنجي تڪ تي احتجاج ڪندا.

Leave A Comment