پاڪستان جي دشمنن سان ڳالهين جو سوال ئي پيدا نه ٿو ٿئي: وزيراعظم شهباز شريف

آگسٽ 30, 2024

وزيراعظم شهباز شريف چيو آهي ته بلوچستان ۾ نفرت جو ٻج ڇٽيندڙن کي لڪڻ جي ڪا به جاءِ نه ملندي، پاڪستان جي دشمنن سان ڳالهين جو سوال ئي پيدا نه ٿو ٿئي، پاڪستان جي دشمنن کي عبرت جو نشانو بڻائينداسين:وزيراعظم جو وفاقي ڪابينا جي اجلاس کي خطاب، وزيراعظم چيو ته 26 آگسٽ تي اهڙو ماحول پيدا ڪيو ويو، ڄڻ بلوچستان ۾ علحدگيءَ جي تحريڪ هلندي هجي، دهشتگرد پاڪ-چين دوستي ۾ ڏار وجهڻ چاهين ٿا، پاڪ فوج جا جوان ڏينهن رات دهشتگردن جو پيڇو ڪري رهيا آهن، بلوچستان جو عوام محب وطن آهي، هو چاهي ٿو ته ترقيءَ جو ڦيٿو تيزيءَ سان ڦِري، گذريل ڏينهن ڪوئيٽا جو دورو ڪري امن امان جي صورتحال جو جائزو ورتو، شهيدن جي وارثن سان ملاقات ڪئي، کين دلجاءِ ڏني ته حڪومت ۽ عوام اوهان سان گڏ آهي، وزيراعظم جي صدارت هيٺ وفاقي ڪابينا جي اجلاس ۾ پاڪستان ۽ چين وچ ۾ ايم ايل ون جي فنانسنگ ٺاهه جي منظوري، ايم ايل ون ڪراچي کان پشاور تائين 1872 ڪلوميٽر ريلوي ٽريڪ جو منصوبو آهي

Leave A Comment