سجاول شهر مان برساتي پاڻي نيڪال نه ٿيو، روڊ رستا ۽ تعليمي ادارا ٻڏل، انتظاميا گم

سيپٽمبر 3, 2024

سجاول (رپورٽر) سجاول ۾ برساتن کي پنج ڏينھن گذرڻ باوجود انتظاميا ھيٺاھين علائقن مان برساتي پاڻي جي کي نيڪال ڪرڻ ۾ مڪمل ناڪام ٿي وئي، ميمڻ محلو، ڀان محلو، شيخ محلو، علي ٽائون ۽ خاصخيلي محلي جي گھٽين ۽ حاجي بھاول خان مگسي اسڪول سميت شھر جي مين روڊ تي پبلڪ ڀرسان 2 فوٽ تائين پاڻي بيٺل آھي، شهر جي گھٽين ۽ روڊ رستن تي پاڻي بيٺل ھجڻ سبب پيدل ھلڻ مشڪل بڻيل آھي، ٻارن جو اسڪول وڃڻ بند ٿي ويو آھي جڏھن ته ماڻھو گھرن تائين محدود بڻجي ويا آھن، جڏهن ته مڇرن جي آزار سبب مليريا سميت ٻين بيمارين منهن ڪڍيو. ان سلسلي ۾ شھرين وفا بابو پٺاڻ، خميسو ميمڻ، نواز ملاح، زاھد ميمڻ، دلشاد ڪڇي، شھزاد خاصخيلي ۽ ٻين ضلعي انتظاميا ۽ ٽائون انتظاميا کان مطالبو ڪيو ته شھر مان پاڻي نيڪال ڪرائي شھرين کي عذاب واري زندگيءَ مان نجات ڏياري وڃي.

Leave A Comment