ڪراچي جي آبادي ۾ واڌ جي شرح ملڪ ۾ سڀ کان وڌيڪ ظاهر: اوڀر ، ڏکڻ، سينٽرل ۽ اولهه ۾ شرح 5 سيڪڙو تي پهچائي وئي

جُولاءِ 22, 2024

اسلام آباد (رپورٽ ايم بي سومرو) شماريات کاتي پاران 2023 جي جاري ڪيل آدمشماري جي رپورٽ جي جائزي سان سنڌ جي شهري آبادي يعني اردو ڳالهائيندڙن جي آبادي  ۾ ٿيل واڌ  جي حوالي سان مٿي تي هٿ آڻي پريشان ڪري ڇڏيندڙ انگ اکر سامهون آيا آھن جيڪي انگ اکر شهري آبادي يعني اردو ڳالهائيندڙن جي تعداد  ۾ ٿيل واڌ جي وارتا بيان ڪندي محسوس ٿي رهيا آھن . جاري ڪيل رپورٽ مطابق سنڌ جي سکر ڊويزن جي آبادي ۾ واڌ جو تناسب 1.36 سيڪڙو، شهيد بينظير آباد ڊويزن اندر آبادي ۾ واڌ جو تناسب 1.98 سيڪڙو، ميرپورخاص ڊويزن اندر آبادي ۾ واڌ جو تناسب 1.50 سيڪڙو، لاڙڪاڻي ڊويزن اندر آبادي ۾ واڌ جو تناسب 2.30 سيڪڙو، جڏهن ته حيدرآباد ڊويزن اندر آبادي ۾ واڌ جو تناسب 1.61 سيڪڙو رهيو پر سنڌ جي انهن ڊويزنن اندر آبادي ۾ واڌ جي شرح جي ڀيٽ ۾ ڪراچي ڊويزن اندر آبادي ۾ غير معمولي ۽ سنڌ جي ٻين ڊويزنن جي ڀيٽ ۾ ٻيڻ تي واڌ ٿيڻ جي نشاندهي ڪئي وئي آھي. 2023 جي آدمشماري جي رپورٽ ۾ ٻڌايو ويو آھي ته ڪراچي ڊويزن اندر آبادي ۾ واڌ جو تناسب 4.10 سيڪڙو رهيو . 2023 جي آدمشماري جي سنڌ صوبي  ۾ ضلعي وار آبادي ۾ ٿيل واڌ بابت انگ اکر به  اردو آبادي ۾ ٿيل واڌ کي وڌيڪ چٽو ڪرڻ جهڙا محسوس ٿي رهيا آھن . رپورٽ مطابق 2023 جي آدمشماري ۾ بدين ضلعي اندر آبادي ۾ واڌ 1.27 سيڪڙو، دادو ضلعي ۾ 1.97 سيڪڙو، حيدرآباد ۾ 1.69 سيڪڙو، ڄامشوري ضلعي ۾ 1.98 سيڪڙو، مٽياري ۾ 1.65 سيڪڙو، سجاول ضلعي ۾ 1.25 سيڪڙو، ٽنڊو محمد خان ضلعي ۾ 1.18 سيڪڙو، ٽنڊوالهيار ضلعي ۾ 1.60 سيڪڙو، ٺٽي ضلعي ۾ 1.65 سيڪڙو، جيڪب آباد ضلعي ۾ 2.60 سيڪڙو، قمبر شهدادڪوٽ ضلعي ۾ 2.10 سيڪڙو، ڪشمور ضلعي ۾ 2.09 سيڪڙو، لاڙڪاڻي ضلعي ۾ 2.70 سيڪڙو، شڪارپور ضلعي ۾ 1.97 سيڪڙو، ميرپورخاص ضلعي ۾ 1.88 سيڪڙو، ٿرپارڪر ضلعي ۾ 1.29 سيڪڙو، عمرڪوٽ ضلعي ۾ 1.30 سيڪڙو،  نوشهري فيروز ضلعي ۾ 1.64 سيڪڙو، سانگهڙ ضلعي ۾ 2.01 سيڪڙو، شهيد بينظير آباد ضلعي ۾ 2.27 سيڪڙو، گهوٽڪي ضلعي ۾ 1.22 سيڪڙو،  خيرپور ميرس ضلعي ۾ 1.29 سيڪڙو ۽ سکر ضلعي اندر 1.63 سيڪڙو آبادي ۾ واڌ ٿي جڏهن ته سينٽرل ڪراچي ضلعي اندر آبادي ۾ واڌ 4.30 سيڪڙو ٿي آھي، ڪراچي ۾ اوڀر ضلعي جي آبادي ۾ 5.32 سيڪڙو، ڪراچي ڏکڻ ضلعي جي آبادي ۾ 4.71 سيڪڙو، ڪراچي ويسٽ ضلعي جي آبادي ۾ مجموعي طور تي 4.35 سيڪڙو واڌ ٿي انهي ضلعي جي ٻهراڙي جي آبادي ۾ 7.57 سيڪڙو واڌ ٿيڻ جي به نشاندهي ٿيل آھي ڪياماڙي ضلعي جي آبادي ۾ 2.07 سيڪڙو، ڪورنگي ضلعي ۾ 3.29 سيڪڙو،  ملير ضلعي جي آبادي ۾ 3.99 سيڪڙو واڌ ٿي آھي. رپورٽ ۾ اهو به ٻڌايو ويو آھي ته پاڪستان ۾ مجموعي طور آبادي ۾ واڌ جو تناسب 2.54 سيڪڙو رهيو جڏهن ته ڪي پي ڪي صوبي ۾ آبادي ۾ واڌ جو تناسب 2.38 سيڪڙو، پنجاب ۾ 2.53 سيڪڙو،  اسلام آباد ۾ 2.80 سيڪڙو،  بلوچستان ۾ 3.20 سيڪڙو آبادي ۾ واڌ ٿي آھي. ٻئي طرف شماريات کاتي جي رپورٽ مطابق 1961 جي آدمشماري ۾ ملڪ اندر واڌ جو تناسب 2.45 سيڪڙو , 1972 جي آدمشماري ۾ 3.69 سيڪڙو, 1981 جي آدمشماري ۾ 3.06 سيڪڙو ,1998 جي آدم شماري ۾ 2.69 سيڪڙو، 2017 جي آدمشماري ۾ ملڪ اندر آبادي ۾ واڌ جو تناسب 2.40 سيڪڙو ,2023 جي آدمشماري ۾ ملڪ اندر آبادي ۾ واڌ جو تناسب 2.55 سيڪڙو ٿي ويو.

ملڪ ۾ ٿيل 6 آدمشمارين جي ڀيٽ ۾ ڊجيٽل آدمشماري ۾ آبادي جي سڀ کان وڌيڪ واڌ رڪارڊ

اسلام آباد: پاڪستان جي آزادي جي چار سالن بعد ٿيل 1951 ۾ پهرين آدمشماري تحت موجوده پاڪستان جي آدمشماري 3 ڪروڙ 37 لک 40 هزار 167 هئي 10 سالن بعد 1961 ۾ پاڪستان ۾ ٻئي آدمشماري ٿي ته پاڪستان جي آبادي ۾ 91 لک 40 هزار 211 ڄڻن جي اضافي بعد ملڪ جي ڪل آبادي وڌي 4 ڪروڙ 28 لک 80 هزار 378 ٿي وئي، ان بعد 11 سالن کانپوءِ 1972 ۾ ٽئين آدمشماري ٿي ته ملڪي آبادي ۾ 2 ڪروڙ 24 لک 28 هزار 862 جو اضافو ٿيڻ بعد آبادي 6 ڪروڙ 53 لک 9 هزار 340 ٿي وئي . ڇوٿين آدمشماري ملڪ اندر 9 سالن بعد 1981 ۾ ٿي ته ملڪ جي آبادي ۾ ڪل 1 ڪروڙ  89 لک 44 هزار 304 جو اضافو ٿيڻ بعد ملڪ جي آبادي 8 ڪروڙ 42 لک 53 هزار 644 تي پهچي وئي . پاڪستان ۾ پنجين آدمشماري 17 سالن بعد 1998 ۾ ٿي ته آبادي ۾ ڪل واڌ 4 ڪروڙ 80 لک 98 هزار 635 ٿيڻ بعد ملڪ جي ڪل آبادي وڌي 13ڪروڙ 23 لک 52 هزار 279 ٿي وئي هئي. ملڪ اندر ڇهين آدمشماري  19 سالن بعد 2017 ۾  ٿي ته پاڪستان جي ڪل آبادي ۾ رڳو 7 ڪروڙ 53 لک 30 هزارن جو اضافو ٿيڻ بعد آبادي وڌي 20 ڪروڙ 76 لک 80 هزار ٿي وئي پر ملڪ اندر صرف ڇهن سالن اندر 2023 جي آدمشماري ٿي ته ملڪ جي آبادي ۾ 3 ڪروڙ 38 لک 10 هزار جي اضافي بعد ملڪي  آبادي وڌي 24 ڪروڙ 14 لک 90 هزار ٿي وئي اهي انگ اکر 2023 جي آدمشماري دوران سمورين آدمشمارين کان وڌيڪ تيز اضافي طرف اشارو ڏين ٿا .

ڊجيٽل آدمشماري ۾ پنجاب جي آبادي ۾ لاٿ ۽ بلوچستان ۾ واڌ

اسلام آباد : ملڪ اندر 2017 جي ٿيل آدمشماري تحت ملڪ جي ڪل آبادي ۾ پنجاب جي آبادي 53 سيڪڙو هئي جڏهن ته 2023 جي آدمشماري تحت ملڪ جي آبادي ۾ پنجاب صوبي جي آبادي گهٽ ٿي 52.9 سيڪڙو ٿي وئي آھي . 2017 جي آدمشماري تحت ملڪ جي آبادي ۾ سنڌ صوبي جي آبادي 23 سيڪڙو هئي 2023 جي آدمشماري بعد ملڪي آبادي ۾  سنڌ صوبي جي آبادي  23.1 سيڪڙو ٿي آھي، 2017 جي آدمشماري تحت ملڪ جي آبادي ۾ ڪي پي ڪي صوبي جي آبادي 17.1 سيڪڙو هئي ,2023 جي آدمشماري ۾ ملڪي آبادي ۾ ڪي پي ڪي صوبي جي آبادي 16.9 سيڪڙو ٿي وئي آھي 2017 جي آدمشماري تحت ملڪ جي آبادي ۾ بلوچستان جي آبادي 5.9 سيڪڙو هئي ,2023 جي آدمشماري تحت ملڪ جي آبادي ۾ بلوچستان صوبي جي آبادي وڌي 6.2 سيڪڙو ٿي وئي آھي 2017 جي آدمشماري تحت اسلام آباد جي آبادي 1 سيڪڙو هئي 2023 جي آدمشماري موجب به ملڪي آبادي ۾  اسلاآباد جي آبادي 1 سيڪڙو آھي

پنجاب جي آبادي ۾ پوڻا 2 ڪروڙ ۽ سنڌ ۾ 78 لک واڌ

اسلام آباد :آدمشماري جي رپورٽ موجب 2017 جي آدمشماري جي ڀيٽ ۾ 2023 جي آدم شماري ۾ سڀ کان وڌيڪ واڌ بلوچستان صوبي جي آبادي ۾ ٿي آھي بلوچستان جي آبادي ۾ 20.75 سيڪڙو واڌ ٿي آھي 2017 جي آبادي جي ڀيٽ ۾ بلوچستان صوبي ۾ 25 لک 59 هزار 273 فردن جو اضافو ٿيو آھي ٻئي نمبر تي سڀ کان وڌيڪ واڌ اسلام آباد جي آبادي ۾ 17.99 سيڪڙو يعني 3لک 60 هزار 495 جو اضافو ٿيو آھي ٽئين نمبر تي 2017 جي آبادي جي ڀيٽ ۾  سڀ کان وڌيڪ واڌ سنڌ جي آبادي ۾ 16.39 سيڪڙو يعني 78 لک 41 هزار  637 ٿي آھي پنجاب صوبي جي آبادي ۾ 1 ڪروڙ 76 لک 99 هزار 267 واڌ ٿي آھي جيڪا 16.09 سيڪڙو آهي. ڪي پي ڪي صوبي جي آبادي ۾ 53 لک 54 هزار 133 جي واڌ ٿي آھي جيڪا واڌ 15.08 سيڪڙو آهي

Leave A Comment