مارشل لا جي توثيق جهڙن عدالتي فيصلن جي مثالن ملڪ جو ٻيڙو غرق ڪري ڇڏيو آهي: قاضي فائز
آڪٽوبر 8, 2024
اسلام آباد(بيورو رپورٽ) سپريم ڪورٽ پنجاب پاپوليشن ڊپارٽمينٽ ملازم جي نظرثاني ڪيس جي ٻڌڻي ڪئي. چيف جسٽس قاضي فائز عيسيٰ مارشل لا لاڳو ڪرڻ بابت اهم ريمارڪس ڏيندي چيو ته عدالتي فيصلن جي مثالن ملڪ جو ٻيڙو غرق ڪري ڇڏيو آهي، عدليه ڪڏهن ڪڏهن مارشل لا جي توثيق ڪري ڇڏي ٿي. ڇا جج آئين جا پابند ناهن؟ ججن جي اهڙي فراغ دلي، غير آئيني عمل جي توثيق ڪري ڇڏي ٿي. چيف جسٽس آف پاڪستان ريمارڪس ڏيندي وڌيڪ چيو ته پاڪستان ۾ اهو ئي ٿي رهيو آهي، هڪ کان پوءِ ٻيو مارشلا اچڻو آهي. غير آئيني توثيق جو اختيار ججز وٽ ڪٿان اچي ويندو آهي؟ عدالتي فيصلي جو حوالو اُتان اچي وڃي جِتي آئين ۽ قانون ۾ ابهام هجي. عدالتي فيصلو آئين ۽ قانون کان مٿانهون نٿو ٿي سگهي. لڳي ٿو وقت اچي ويو آهي ججز جا ڪلاسز ڪرايا وڃن. ڇا جج ٿيڻ بعد آئين ۽ قانون جون تقاضائون ختم ٿي وينديون آهن؟ وڪيلن کي آئين جي ڪتاب کان الرجي ٿي وئي. وڪيل هاڻي آئين جو ڪتاب عدالت ۾ ناهن آڻيندا. چيو ويو آهي ته نظرثاني درخواست جلد لڳائي وڃي. چيو وڃي ٿو ته اڍائي سال پراڻي نظر ثاني ڇو لڳائي. عدالت پنجاب پاپوليشن ڊپارٽمينٽ جي ملازم جي نظرثاني درخواست رد ڪري ڇڏي