باقي صوبا به بجلي تي پنجاب وانگر رليف ڏئي سگهن ٿا، ان تي سياست نه ڪريو: وزيراعظم شهباز شريف

آگسٽ 20, 2024

وزيراعظم شهباز شريف چيو آهي ته پنجاب حڪومت پنهنجي وسيلن مان بجلي واهپيدارن کي 200 کان 500 يونٽن جو رليف ڏنو آهي

باقي صوبا به پنهنجي صوبي جي عوام کي اهو رليف ڏئي سگهن ٿا پر ڪجهه هنڌن تان اهڙيون ڳالهيون ٻڌڻ ۾ آيون آهن جو افسوس جوڳو آهي

ڪابينا جي اجلاس ۾ ڳالهائيندي شهباز شريف چيو ته صوبائي حڪومتون تمام گهڻيون ڪوششون ڪيون آهن ۽ برساتي پاڻي جي نيڪال لاءِ قدم کنيا آهن

تازو برساتن ۾ جاني ۽ مالي نقصان ٿيو آهي، اين ڊي ايم اي وڏو ڪم ڪيو آهي، تيز برساتن هاءِ ويز ۽ پلن کي به نقصان پهچايو آهي

هن چيو ته مهانگائي ٽن سالن جي گهٽ ترين سطح تي آهي، ان کي وڌيڪ گهٽائڻو پوندو، مهانگائي 38 سيڪڙو مان گهٽجي ساڍا 11 سيڪڙو ٿي وئي آهي

بجلي جي قيمتن جي حوالي سان وزيراعظم چيو ته ترقياتي بجيٽ ۾ 50 ارب جي گهٽتائي ڪري 200 يونٽن تائين بجلي استعمال ڪندڙن کي رليف ڏنو ويو، سڄي ملڪ ۾ 86 سيڪڙو واهپيدار حڪومتي رليف مان فائدو حاصل ڪري رهيا آهن.

هن چيو ته پاور سيڪٽر جي خساري کي گهٽائڻ لاءِ قدم کنيا پيا وڃن ۽ بجلي چوري جو هميشه لاءِ خاتمو ڪيو پيو وڃي

هن وڌيڪ چيو ته پنجاب حڪومت پنهنجي وسيلن مان صارفين کي 200 کان 500 يونٽ بجلي جو رليف ڏنو آهي، پنجاب حڪومت عوام کي رليف ڏيڻ لاءِ ترقياتي فنڊن مان 45 ارب رپيا مختص ڪيا آهن، پنجاب حڪومت عوام کي 2 مهينن لاء وڏو رليف ڏنو آهي

هن چيو ته پنجاب حڪومت جي ڏنل رليف ۾ وفاق جو ڪو به حصو ناهي، باقي صوبا به پنهنجي صوبي جي عوام کي اهو رليف ڏئي سگهن ٿا. ڪجهه هنڌن تان اهڙيون ڳالهيون ٻڌڻ ۾ آيون آهن، جيڪي افسوسناڪ آهن، ڪي پي حڪومت کي به پنجاب حڪومت جي پيروي ڪرڻ گهرجي ۽ عوام کي رليف ڏيڻ گهرجي، ان معاملي تي سياست کان پاسو ڪيو وڃي، حقيقتن کي چٿڻ نه گهرجي

هن چيو ته ان معاملي تي سياست نه ڪريو، اين ايف سي تحت 60 سيڪڙو حصو صوبن کي وڃي ٿو

 صوبن وٽ ڪافي ترقياتي بجيٽ آهي، اسان کي دانشمندي ۽ احتياط سان مسئلا حل ڪرڻ گهرجن

وزيراعظم چيو ته بجلي جي مسئلي جو پائيدار حل ڳولي رهيا آهيون، پي ٽي آءِ حڪومت وانگر ڪو به جاهلانه قدم نه کڻندا، آءِ ايم ايف سان اسٽاف سطح تي معاهدو ٿي ويو آهي

واضح رهي ته اڳوڻي وزيراعظم نوازشريف پنجاب جي وڏي وزير مريم نواز سان گڏجي اعلان ڪيو هو ته پنجاب حڪومت 500 يونٽن تائين بجلي استعمال ڪندڙن لاءِ في يونٽ ٽيرف ۾ 14 رپيا گهٽتائي ڪري ڇڏي آهي

ان اعلان تي سنڌ جي وڏي وزير مراد علي شاهه نالو وٺڻ کانسواءِ پنجاب حڪومت تي تنقيد ڪندي چيو ته عجيب و غريب اعلانن سان اسان کي تڪليف ٿيندي آهي، اهڙن بيوقوف اعلانن جو جواب ڪيئن ڏيون؟

Leave A Comment