ڌاڙيلن کان هٿيار ڦٽا ڪرائي قومي ڌارا ۾ آڻيو: صدر زرداري پاران سنڌ حڪومت کي سرداري جرڳو ڪوٺائڻ جي هدايت

جُون 25, 2024

سکر (رپورٽ: فاروق سومرو) صدر مملڪت آصف علي زرداري جي صدارت هيٺ سکر ڪمشنر آفيس ۾ سيڪيورٽي ۽ امن امان جي صورتحال تي اجلاس ٿيو، آصف علي زرداري اجلاس کي خطاب ڪندي چيو ته ڪچي جي ڏوهارين کي رياست اڳيان هٿيار ڦٽا ڪرڻ لاءِ راضي ڪري ڏوهن جو مڪمل طور خاتمو آندو وڃي، سنگين ڏوهن ۾ ملوث ڪٽر جوابدارن خلاف سخت ڪارروائي ڪئي وڃي، ننڍن ڏوهن ۾ ملوث جوابدارن کي بحال ڪري ملڪ جو ذميوار ۽ ڪارآمد شهري بڻايو وڃي، صدر آصف علي زرداري ڪچي جي علائقن ۾ ماڻهن کي سماجي ۽ اقتصادي حالت بهتر بڻائڻ تي زور ڏنو، هن چيو ته ڪچي جي علائقن ۾ رستا صحت ۽ تعليم جي بنيادي ڍانچي کي ترجيح بنيادن تي بهتر بڻايو وڃي، ڪچي جي علائقن جي سردارن تي مشتمل قومي جرڳو ڪوٺايو وڃي، جرڳو علائقي ۾ امن امان، سيڪيورٽي بهتر بڻائڻ لاءِ مقامي آبادي سان ڳالهيون ڪري قومي جرڳو ڏوهن جي روڪٿام، علائقن کي هٿيارن کان پاڪ ڪرڻ لاءِ ڪردار ادا ڪندو، اجلاس ۾ وفاقي وزير داخلا محسن نقوي، ايم اين اي سيد خورشيد احمد شاهه، وڏو وزير مراد علي شاهه، اسپيڪر سنڌ اسيمبلي اويس قادر شاهه، صوبائي وزيرن شرجيل ميمڻ، ناصر شاهه، رينجرز، ملٽري آفيسرن شرڪت ڪئي، اجلاس ۾ صدر کي سنڌ ۾ امن امان جي صورتحال تي تفصيلي بريفنگ ڏني وئي، صدر پهرين مئي تي اجلاس دوران ڏنل هدايتن تي عملدرآمد جو پڻ جائزو ورتو، ان موقعي تي آصف علي زرداري کي بريفنگ ڏني وئي ته پوليس ۽ رينجرز جي موثر حڪمت عملي سبب سنڌ خصوصن ڪراچي توڙي ڪچي وارن علائقن ۾ ڏوهن ۽ تشدد جي واقعن ۾ واضح گهٽتائي آئي آهي، آءِ جي سنڌ غلام نبي ميمڻ اجلاس ۾ بريفنگ ڏيندي چيو ته ڏوهارين جي سرگرمين ۾ واضح گهٽتائي آئي آهي، گذريل ڪجهه مهينن دوران قومي شاهراهن تي ڪوبه ڏوهه رپورٽ ناهي ٿيو، ٽارگيٽيڊ آپريشن ۽ سمارٽ ڪيمرائون لڳائڻ سان ڏوهن تي ضابطو آڻڻ ۾ مدد ملي آهي، ڊرون ڪيمرائن جي مدد سان ڏوهارين ۽ انهن جي مدد ڪندڙن جي شناخت ۽ گرفتاري ۾ پڻ مدد ملي آهي، ڊي جي رينجرز سنڌ بريفنگ ڏيندي چيو ته سنڌ پوليس ۽ رينجرز پاران 133 گڏيل آپريشن ڪيا آهن، آپريشن جي نتيجي ۾ ڪيترن ئي ڏوهارين ۽ ڏوهن ۾ ملوث ماڻهن کي گرفتار ڪيو ويو آهي، ڊي جي رينجرز چيو ته ڏوهن تي ڪنٽرول ڪرڻ لاءِ ڪچي جي مختلف علائقن ۾ اضافي چيڪ پوسٽون قائم ڪيون ويون آهن، 308 منشيات فروشن کي گرفتار ڪيو ويو آهي، صوبي جي داخلي ۽ خارجي رستن جي نگراني لاءِ سمارٽ ڪيمرائون نصب ڪيون ويون آهن، صدر آصف علي زرداري چيو ته صوبي جي سيڪيورٽي، چيلينجز، ضرورتن کي موثر طريقي سان پورو ڪرڻ لاءِ پوليس فورس کي وڌيڪ جديد ڪيو وڃي، سنڌ پوليس کي جديد آلات، هٿيارن، مناسب انساني وسيلن، لاجسٽڪ فراهم ڪري وڌيڪ طاقتور بڻايو وڃي، فرضن کي احسن طريقي سان انجام ڏيڻ لاءِ پوليس اهلڪارن جي حوصلا افضائي ڪئي وڃي، سنڌ پوليس ۾ عورتن جي حوصلا افضائي جي ضرورت آهي، سنڌ پوليس جي شهيدن ۽ انهن جي خاندانن جي في الحال ۽ بهبود کي يقيني بڻايو وڃي، صدر مملڪت سڪرنڊ پوليس ڪمانڊو اسڪول کي اپگريڊيشن، ڪيڊٽ ڪاليج پوليس جي قيام لاءِ ايراضي جي فراهمي کي يقيني بڻائڻ جي هدايت ڪئي، صدر ڏوهن تي ڪنٽرول ڪرڻ، سيڪيورٽي صورتحال کي بهتر ڪرڻ تي سنڌ حڪومت، پوليس ۽ رينجرز جي ڪارڪردگي کي پڻ ساراهيو، ذريعن موجب اجلاس ۾ گھوٽڪي ڪنڌڪوٽ پل سميت ٻين ترقياتي منصوبن بابت به غور ويچار ڪيو ويو، سنڌ جي وڏي وزير سيد مراد علي شاهه سکر بئراج جي متاثر گيٽن، بحالي لاءِ هلندڙ ڪم متعلق به صدر آصف علي زرداري کي بريفنگ ڏني، جڏهن ته خورشيد شاهه ۽ ٻين پارٽي اڳواڻن پاران سکر ۽ لاڙڪاڻو ڊويزن ۾ هلندڙ قبيلائي تڪرارن ۽ انهن جي خاتمي لاءِ ڪيل ڪوششن متعلق صدر کي بريفنگ ڏني وئي، صدر آصف علي زرداري پاران سکر بئراج جي متاثر گيٽن جي جلد بحالي ۽ قبيلائي تڪرارن جي خاتمي لاءِ ڪوششون وٺڻ جي پڻ هدايت ڪئي وئي، اجلاس کان اڳ صدر آصف علي زرداري جي آمد تي سيڪيورٽيءَ جا انتظام انتهائي سخت ڪيا ويا، سکر ايئرپورٽ کان ڪمشنر آفيس تائين پوليس جا آفيسر توڙي وڏي تعداد ۾ جوان مقرر ڪيا ويا، جڏهن ته مختلف روڊن کي صدر زرداري جي آمد وقت مڪمل طور تي عوام لاءِ بند ڪيو ويو.

Leave A Comment