سنڌ حڪومت چاهيندي ته ڪچي ۾ فوج جي مدد سان آپريشن شروع ڪنداسين: وفاقي گهرو وزير محسن نقوي
اپريل 30, 2024
سنڌ حڪومت چاهيندي ته ڪچي ۾ فوج جي مدد سان آپريشن شروع ڪنداسين، صدر آصف علي زرداري جي صدارت هيٺ بدامني بابت اهم اجلاس ٿيندو، ڌاڙيلن خلاف آپريشن لاءِ سنڌ جي وڏي وزير سان ڳالهائينداسين: وفاقي گهرو وزير محسن نقوي جون سکر جي دوري دوران ميڊيا سان ڳالهيون، محسن نقوي چيو ته سنڌ ۾ امن امان جي صورتحال جو جائزو وٺڻ لاءِ آيو آهيان، بدامني بابت صدر آصف علي زرداري جي صدارت هيٺ هڪ گڏجاڻي رٿيل آهي، محسن نقوي سکر ۾ نادرا جي آفيس جو اوچتو دورو به ڪيو، وفاقي گهرو وزير پاسپورٽ آفيس ۾ آيل شهرين سان ملاقات به ڪئي، شهرين ايجنٽس مافيا ۽ ٻين مسئلن جون شڪايتون ڪيون، محسن نقوي مسئلا حل ڪرڻ جي خاطري ڪرائي، وفاقي وزير چيو ته سکر پاسپورٽ آفيس جو ڪم 2007 کان رولڙي جو شڪار آهي، 6 مهينن اندر پاسپورٽ آفيس تعمير ڪرائي ويندي