مخصوص سيٽن وارو مسئلو بنا دير حل ڪيو وڃي: اسپيڪر اليڪشن ڪميشن کي وري خط لکي ڇڏيو
آڪٽوبر 9, 2024
اسلام آباد(بيورو رپورٽ) قومي اسيمبلي جي اسپيڪر اياز صادق قومي اسيمبلي ۾ عورتن ۽ اقليتن جي مخصوص سيٽن جي معاملي تي اليڪشن ڪميشن آف پاڪستان کي ياد ڌيانيءَ لاءِ خط لکي ڇڏيو آهي. اسپيڪر چيو آهي ته مخصوص سيٽن جو مسئلو بنا دير حل ڪيو وڃي. مخصوص سيٽن جو مسئلو آئين ۽ اليڪشن ايڪٽ ۾ تازين ترميمن موجب حل ڪيو وڃي. قومي اسيمبلي جي اسپيڪر اليڪشن ڪميشن کي لکيل خط ۾ چيو آهي ته پارلياماني اڳواڻن مون کي خط ۾ چيو آهي ته مخصوص سيٽن جو معاملو اليڪشن ڪميشن وٽ التوا ۾ آهي، اليڪشن ڪميشن سامهون قانون جو سادو سوال آهي ته ڇا سيٽون آئين ۽ اليڪشن ڪميشن ايڪٽ مطابق ڏنيون وڃن يا سپريم ڪورٽ جي فيصلي موجب ڏنيون وڃن. سپريم ڪورٽ جو فيصلو پارليمينٽ پاران اليڪشن ايڪٽ ترميم کان اڳ آيو هو. 3 هفتا گذري ويا پر اليڪشن ڪميشن طرفان ڪو به فيصلو نه ڪيو ويو آهي، اهو قانون جي خلاف ورزي ۽ پارليمينٽ جي قانون سازي جي اختيار تي سوال آهي. پارليماني اڳواڻن مون کي درخواست ڏني آهي ته اليڪشن ڪميشن کي اِن جي ٻيهر ياد ڌهاني ڪرائي وڃي. آئين ۾ ڏنل ليگل اسڪيم ۽ قانون مطابق ڪيو وڃي. مخصوص سيٽن جو معاملو آئين ۽ اليڪشن ايڪٽ ۾ تازو ترميم جي مطابق حل ڪيو وڃي.