گنڊاپور جي تقرير عوامي دلين جو آواز هئي، معافي جو سوال ئي پيدا نٿو ٿئي: پي ٽي آءِ

سيپٽمبر 11, 2024

پشاور (م ڊ) پاڪستان تحريڪ انصاف خيبرپختونخوا جي وڏي وزير علي امين گنڊاپور طرفان فوج جي سياست  ۾ مداخلت جي حوالي سان ڏنل بيان تي معذرت کان انڪار ڪري ڇڏيو آهي. پشاور ۾ پي ٽي آءِ جي جنرل سيڪريٽري سلمان اڪرم راجا پارٽي جي ٻين اڳواڻن عمر ايوب، اسد قيصر، اعظم سواتي ۽ ٻين سان گڏ پريس ڪانفرنس ڪندي چيو ته علي امين گنڊاپور پاڪستاني فوج جي حوالي سان جيڪو چيو آهي  انهي تي معذرت نه ڪنداسين علي امين جي جلسي ۾ ڪيل تقرير عوام جي دلين جو آواز آهي. هنن چيو ته علي امين گنڊاپور پوري صحافت جي ڳالهه نه ڪئي آهي، صحافت ۾ به ڪاريون رڍون موجود آهن. وڏي وزير عورت صحافين جي باري ۾  ڪي به توهين جوڳا لفظ استعمال نه ڪيا آهن. صحافت رياست جو پنجون ٿنڀو آهي ۽ پي ٽي آءِ باني عمران خان چيو ته صحافي جهاد ڪري رهيا آهن. هنن چيو ته ڪجهه ماڻهو جمهوري ۽ سياسي عمل تي حاوي ٿيڻ جي ڪوشش ڪري رهيا آهن پاڪستان کي حقيقي آزادي ملڻ گهرجي عدالتن کي به نه ڇڏيو ويو. ججز به خط لکيا پنهنجي مرضي جا ججز لڳائڻ جي لاءِ قانونسازي هاڻ نه هلندي، اسان هاڻ اهو ٿيڻ نه ڏينداسين. سلمان اڪرم راجا چيو ته پاڪستان وڌيڪ اهڙين حالتن جو مقابلو نٿو ڪري سگهي. ڪالهه جيڪو ڪجهه ٿيو اهو غلط هو. ڇا پارليامينٽ مقدس نه آهي، ڪالهه پارليامينٽ جي توهين ڪئي وئي. هنن چيو ته آئين جي اهڙي ڪهڙي ترميم جو ماڻهن کي اغوا ڪيو وڃي. ڪالهوڪي واقعي جو مقصد صرف اهو آهي ته ميمبرن کي اغوا ڪري پارليامينٽ ۾ پنهنجي مرضي سان آئين ۾ ترميم ڪئي وڃي. حڪومتي قدمن جي خلاف اسان روڊن تي اينداسين. هنن چيو ته اڌ سچ هميشه ڪوڙو هوندو آهي. کڻي اچو 9 مئي جون وڊيوز ڪنهن باهه  ڏني، ڪير ڪيميڪل کڻي آيو، اسان جا ماڻهو ته هٿين خالي هئا.  9 فيبروري جي رات جيڪو ڪجهه ڪيو ويو اهو سڀني جي سامهون آهي، عوام ووٽ جي صورت ۾ امانت ڏني جنهن ۾ خيانت ڪئي وئي

Leave A Comment