نيو ڇور ۾ پاڻي جي فراهمي مهيني کان بند، شهري رستن تي نڪري آيا، احتجاج
جُون 24, 2024
نيوڇور(رپورٽ: جڳت چارڻ)نيوڇور شھر جي مختلف پاڙن ۾ واٽر سپلائي جي فراھمي ھڪ مھيني کان بند هجڻ خلاف شهرين پاران احتجاجي مظاهرو ڪيو ويو، ان موقعي تي ۾ شھرين ۽ سماجي اڳواڻن ڊاڪٽر مولچند مٿراڻي، سوٽهڙ، محمد صالح سومرو ، شمس الدين نھڙي ۽ ٻين چيو ته نيوڇور شھرن جي 15 کان مٿي مختلف پاڙن ڪنڀار پاڙو، ڀيا محلا، ٺڪر پاڙو، سومرا ڪالوني، سوٽھڙ پاڙو، بجيرمحلا، چارڻ پاڙو، راھمان ڪالوني، عمراڻي پاڙو ۽ ٻين ڪيترن ئي پاڙن ۾ گذريل ھڪ مھيني کان واٽر سپلائي پاڻي جي فراھمي بند ھجڻ ڪري شھري پئيڻ جي پاڻي لاءِ پريشان آھن، پاڻي فراھمي بند ھجڻ ڪري ماڻھو مجبور ٿي ڪري جر جو کارو پاڻي استعمال ڪرڻ لڳا, جنھن ڪري مختلف پيٽ ۽ چمڙي جون بيماريون پيدا ٿي رھيو آھن، ھنن چيو ته پاڻي جي بحران سبب مٺي پاڻي جو ٽنڪر 4 ،کان 5 ھزار رپين ۾ ملي ٿو، جيڪو غريب ۽ مسڪين ماڻهو خريد نٿو ڪري سگهي، ان ڪري شھري سخت پريشان آھن، ھنن چيو ته پبلڪ ھيلٿ کاتي وارن ٻن ڏينھن ۾ پاڻي جي فراھمي بحال نه ڪئي وئي ته شھر ۾ سٽربند ھڙتال ڪري سخت احتجاجي مظاھرو ڪنداسين.