گڏيل قومن جي رپورٽ تي اسرائيل خلاف قدم کنيو وڃي: وزيراعظم شهباز شريف

آگسٽ 24, 2024

اسلام آباد(بيورو رپورٽ) وزيراعظم شهباز شريف فلسطينين کي سندن زمينن تان جبري بيدخل ڪرڻ ۽ ٻارن جي غذائي کوٽ بابت گڏيل قومن جي اداري (او سي ايڇ اي) جي تازي رپورٽ تي عالمي برادري کان فوري قدم کڻڻ جو مطالبو ڪيو آهي. وزيراعظم شهباز شريف چيو آهي ته گڏيل قومن جي تازي رپورٽ خوفناڪ ۽ مظلوم فلسطينين جي نسل ڪشي جي اسرائيلي ڏوهن جو تازو ثبوت آهي. گڏيل قومن جي رپورٽ ان ڳالهه جي شاهدي ڪري ٿي ته ڪو به ڏينهن اهڙو ناهي جنهن ۾ بيگناهه فلسطينين جو رت نه وهايو ويو هجي. رپورٽ ٻڌائي پئي ته فلسطيني ٻار اسرائيل جو سڀ وڌيڪ نشانو بڻجي رهيا آهن. فلسطينين جي نسل ڪشي کي 322 ڏينهن گذري ويا آهن. آگسٽ جي مهيني ۾ اڍائي لک فلسطينين کي سندن گهرن مان جبري بي دخل ڪرڻ عالمي ادارن، عالمي ضمير ۽ عالمي قانون لاءِ هڪ چيلنج آهي، هڪ طرف فلسطينين جي قتل عام جو سلسلو جاري آهي ته ٻئي طرف بک کي هٿيار طور استعمال ڪيو پيو وڃي، جيڪڏهن انسانيت خلاف ڏوهن جي مرتڪب اسرائيلي رياست کي انصاف جي ڪٽهڙي ۾ نه آندو ويو ته عالمي ادارا پاڻ ڪٽهڙي ۾ هوندا. عالمي ادارن جون رپورٽون اسرائيل خلاف سنگين فرد جرم آهن، انسانيت جي قاتلن کي سزا ملڻ گهرجي، مظلومن کي تحفظ ڏنو وڃي.

Leave A Comment