گڏيل قومن، يورپي يونين، آمريڪا ۽ ايران پاران دهشتگردي جي مذمت ، چين جو سيڪيورٽي تعاون وڌائڻ جو اعلان

آگسٽ 28, 2024

جنيوا/ برسلز/ واشنگٽن/ بيجنگ/ تهران(م ڊ) گڏيل قومن، يورپي يونين، آمريڪا، چين ۽ ايران  بلوچستان ۾ دهشتگرد حملن جي مذمت ڪندي پاڪستان حڪومت کان جاچ جو مطالبو ڪري ڇڏيو. جڏهن ته ذميوارن جي احتساب ڪرڻ جو پڻ چيو ويو. آمريڪي عملدار جوناٿن لالي چوڻ آهي ته دهشتگردي خلاف جنگ ۾ پاڪستان سان هر موڙ تي گڏ آهيون، نيويارڪ ۾ بريفنگ دوران گڏيل قومن جي سيڪريٽري جنرل جي ترجمان اسٽيفن ڊوجارڪ چيو ته سيڪريٽري جنرل ان ڳالهه تي زور ڏئي ته بيگناهه ماڻهن خلاف حملا ناقابل قبول آهن. يورپي يونين جي پرڏيهي معامن ۽ سيڪيورٽي پاليسي جي ترجمان نبيله مسرالي چيو ته دهشتگردي ۽ تشدد جي ڪنهن به صورت ۾ ڪا جاءِ ناهي، اهو جمهوريت لاءِ خطرو آهي. اسان جي همدردي دهشتگرد حملن ۾ متاثر ٿيندڙن سان آهي. هوڏانهن چين بلوچستان ۾ تازي دهشتگرد حملن جي سخت مذمت ڪندي پاڪستان سان سيڪيورٽي سهڪار۾ تعاون جي آڇ ڪئي آهي. چيني پرڏيهي وزارت جي ترجمان پريس بريفنگ ۾ چيو ته اسان دهشتگرد حملن جي سخت مذمت ۽ انهن حملن ۾ جانيون ضايع ٿيڻ تي ڏک جو اظهار ڪيون ٿا، چين دهشتگردي خلاف ڪارروائين ۾ پاڪستان جي ڀرپور حمايت جاري رکندو.هن چيو ته چين هر قسم جي دهشتگردي خلاف مضبوط بيٺو آهي، اسان دهشتگردي خلاف ڪارروائين کي اڳتي وڌائڻ، سماجي يڪجهتي ۽ استحڪام کي برقرار رکڻ ۽ ماڻهن جي تحفظ لاءِ پاڪستان جي ڀرپور حمايت جاري رکنداسين. ترجمان چيو ته چين پاڪستان سان دهشتگردي خلاف سيڪيورٽي سهڪار وڌائڻ ۽ خطي ۾ امن ۽ سلامتي جي گڏيل تحفظ لاءِ تيار آهي

Leave A Comment