وڏيري جي ظلم جو شڪار ٿيل اٺ ڪراچي منتقل، مصنوعي ڄنگهه لڳائي ويندي
جُون 16, 2024
ڊپٽي ڪمشنر سانگهڙ جو چوڻ آهي ته وادر جي ظلم جو شڪار اٺ کي مصنوعي ڄنگهه لڳائي ويندي
هڪ بيان ۾ ڊپٽي ڪمشنر چيو ته اٺ کي ڪالهه ڪراچي منتقل ڪيو ويو آهي
ايس ايس پي اعجاز شيخ جو چوڻ آهي ته اُٺ جي ڄنگهه ڪٽڻ جي الزام ۾ 5 ڄڻن کي گرفتار ڪيو ويو آهي، جن مان 2 جوابدارن ڏوهه جو اعتراف ڪيو آهي
واضح رهي ته سانگهڙ ۾ 2 ڏينهن اڳ زمين ۾ داخل ٿيندڙ اُٺ جي ٽنگ ڪٽي وئي هئي
سنڌ جي گورنر ڪامران ٽيسوري متاثر اُٺ جي مالڪ کي ٻه اُٺ ڏيڻ جو اعلان ڪندي پوليس کان اُٺ تي ظلم ڪندڙن خلاف جاچ جو مطالبو ڪيو آهي