پورهيتن تي تشدد جي وڊيو وائرل ٿيڻ بعد ڪمپني انچارج ۽ انجنيئر گرفتار

مَي 15, 2024

لاکڙا ڪول مائينر جي ڪاشف ڪول ڪمپني ۾ پورهيتن تي تشدد جي وڊيو وائرل ٿيڻ بعد ڪمپني انچارج ۽ انجنيئر گرفتار، پوليس يرغمال بڻيل پورهيتن کي آزاد ڪرائي ورتو، پورهيتن تي تشدد ڪندڙ جوابدار فرار ٿي ويو، پوليس دلبر ماڇي جي فرياد تي ڪمپني انچارج فهد شيخ، نظير حسين ڪشميري، نظير ملهواڻي ۽ علي رضا ملهواڻي کوسو خلاف ڪيس داخل ڪري ورتو، ايف آءِ آر ۾ فريادي دلبر ماڇي چيو آهي ته مان ۽ وسيم ماڇي قلفيون کپائڻ لاءِ ڪمپني ويجهو پهتاسين ته نظير کوسو ۽ ٻين يرغمال بڻائي ورتو، اسان کي مارڪٽ ڪندي آفيس ۾ قيد ڪيو ويو ۽ زنجير ٻڌي فين بلٽ سان تشدد ڪيو ويو، وڊيو ۾ تشدد ڪندي نظر ايندڙ جوابدار نظير ملهواڻي کوسو فرار ٿي ويو، ذريعن موجب پوليس بااثر هئڻ سبب نظير ملهواڻي کي گرفتار ڪرڻ کان لنوائي رهي آهي

Leave A Comment