دهشتگردي خلاف جنگ وارو ناٽڪ هاڻي ختم ڪيو وڃي، وسيلن تي قبضو ڪرڻ نه ڏبو: فضل الرحمان

آگسٽ 19, 2024

اسلام آباد (م ڊ) جي يو آءِ سربراهه مولانا فضل الرحمان چيو آهي ته دهشتگردي خلاف جنگ وارو ناٽڪ هاڻي ختم ڪيو وڃي، توهان پاڪستان ۽ قبائلين وچ ۾ جنگ جي ڪيفيت پيدا ڪري مالي توڙي معدني وسيلن تي قبضو ڪرڻ گهرو ٿا، وسيلن تي قبضو ڪنهن به صورت ۾ قبول نه ڪيو ويندو، هن چيو ته اسان جَي ٻچن جِي وسيلن تي ڪنهن کي به قبضو ڪرڻ نه ڏنو ويندو، ڌانڌلي جي بنياد تي چونديل ماڻهن کي عوامي نمائندا نٿا سمجهون، عوام کي ووٽ جي حق کان محروم رکيو ويو پر ائين نٿو هلي سگهي، هن چيو ته ڀارت کي گهٽ وڌ ڳالهايون ٿا پر اهو نه ڏسنداسين ته ڀارت ترقي ڇو ڪري رهيو آهي؟ 3 سال اڳ آزاد ٿيل افغانستان ۾ به اسان جي رپئي جو مُلهه ڪري رهيو آهي، ايران به ترقي ڪري پيو پر رڳو پاڪستان تباهه ٿي رهيو آهي، اسان پهرين جيان اڄ به پاڪستان کي بچائڻ لاءِ تيار آهيون پر اهي ماڻهو به ته سنجيده ٿين.

Leave A Comment