سنڌوءَ جو پاڻي سمنڊ ۾ چاڙهه سبب ڇوڙ نه ٿي سگهيو، سجاول ۽ ٺٽي جا علائقا پاڻي هيٺ
سيپٽمبر 3, 2024
ٺٽو (رپورٽ: اسماعيل ميمڻ) سمنڊ ۾ چاڙهه سبب سنڌو جو وهڪرو ڇوڙ نه ٿيڻ ڪري ٺٽي ۽ سجاول ضلعن جي وسيع ڪچي وارا علائقا پاڻي هيٺ اچي ويا، وڏي پئماني تي ڳوٺاڻن کي ڪچي مان لڏپلاڻ ڪري بندن تي کلي آسمان هيٺ ويٺل آهن، ان ڏس ۾ ڪوٽڙي بئراج جي هيٺائين پاسي گذريل 3 ڏينهن کان سنڌوءَ ۾ ڇوڙ ٿيندڙ 3 لک 35 هزار 618 ڪيوسڪ وارو وهڪرو جيئن جو تيئن برقرار آهي، ٻئي پاسي آبپاشي کاتي ٺٽو جي ايس اي رحيم قريشي پنهنجي اخبار جي رابطي ڪرن تي ٻڌايو آهي ته سمنڊ ۾ چاڙھه آهي جنهنڪري سنڌوءَ جو وهڪرو سمنڊ ۾ گھٽ ڇوڙ ڪري رهيو آهي، 2 ڏينهن بعد سمنڊ تيزي پاڻي کڻڻ شروع ڪندو.