سنڌ سميت سموري ملڪ ۾ محرم الحرام دوران امن امان برقرار رکڻ لاءِ فوج مقرر ڪرڻ جو فيصلو
جُولاءِ 8, 2024
سنڌ سميت سموري ملڪ ۾ محرم الحرام دوران امن امان برقرار رکڻ لاءِ فوج مقرر ڪرڻ جو فيصلو، وفاقي گهرو وزارت پاران آرٽيڪل 245 تحت چئني صوبن، آزاد ڪشمير ۽ گلگت بلتستان ۾ محرم دوران فوج جي مقرريءَ جو آرڊر جاري، حڪمنامي ۾ چيو ويو آهي ته فوج جي مقرري جو فيصلو صوبائي حڪومتن جي سفارش تي ڪيو ويو آهي، حڪمنامي موجب فوجي جٿن جي مقرري لاءِ تاريخ ۽ تعداد جو فيصلو صوبائي حڪومتون واڳيل اختيارين سان مشاورت ذريعي ڪنديون، فوج جي مقرري بعد واپسيءَ بابت فيصلو به واڳيل ڌرين جي مشاورت سان عمل ۾ آندو ويندو