سڄي دنيا جيان سنڌ ۾ به راکي ڏهاڙي جون تياريون جاري، ڪنري ۾ خريداري
آگسٽ 19, 2024
ڪنري(رپورٽ: انيل ڪمار مڪواڻا) ھندو برادري طرفان ڪنري تعلقي سميت سڄي دنيا ۾ اڄ رڪشا ٻنڌڻ (راکي) پونم جو ڏڻ ملھايو ويندو جنھن ۾ سندن ڀينرون ڀائرن کي مٿي تي تلڪ ڏيئي آرتي اتارڻ کانپوءِ راکي ٻڌي سندن جي وڏي ڄمار لاءِ پرارٿنائون ڪنديون ۽ مٺائي پڻ کارائي ويندي، جڏھن ته ڀائر به راکي ٻڌائڻ بعد ڀينرن کي آشيرواد (دعا) ڏيندي زندگي ڀر ڏک سک ۾ ساٿ ڏيئي رڪشا ڪرڻ جو وچن ورجائيندا، رڪشا ٻنڌڻ جي ڏڻ جي مناسبت سان ڪنري شھر جي مختلف بازارن صدر مارڪيٽ، شاھي بازار، ڪولھي بازار سميت ٻين ھنڌن تي اسٽال لڳي ويا آھن، جتي راکي (رکڙي) جي خريداري ۾ رش لڳل آھن ۽ وڏي انگ ۾ ماڻھو رکڙي وٺڻ لاءِ پُھتل آھن رڪشا بندھن جي ڏھاڙي جي حوالي سان سان ڳالھائيندي هندو برادري جي ماڻھن سريش سوني، جيون ساگر، ڊاڪٽر پرڪاش مھيشوري، راجيش ڪمار مڪواڻا، هوتچند، مھيش ڀيل ۽ ٻين چيو ته رشتن کي ڳنڍي رکڻ جو عالمي ڏينھن راکي بندن سموري دنيا جيان سنڌ ۾ به ڀرپور نموني سان ملھايو ويندو، ھندو برادري جون نياڻيون پنھنجن ڀائرن کي راکي ٻڌي وفا ۽ برھم جو وچن وٺنديون. ھنن چيو ته رڪشا بندن يا راکي جيتوڻيڪ ڪمزور ڌاڳي سان لاڳاپيل آھي پر هي تھوار محبت ۽ مٺاس کي ايترو ته مظبوط ڪري ٿو جنھن جي طاقت صرف ڀيڻون ئي ڄاڻي سگھن ٿيون. ھن تھوار تي ڀيڻ راکي ٻڌڻ وقت ڀاءُ کي پنھنجو سھارو سمجھي ٿي ۽ ڀاءُ ڀيڻ سان هر گھڙي ۾ سندس ساٿ نڀائڻ جو وچن ڪري ٿو. ھن ڏينھن تي ھندو برادري پاران تھوار جي رسم ڪرڻ کان پوءِ ملڪي بقا ۽ قومي سلامتي لاءَ دعائون پڻ گھريون وينديون آھن.
ڀينرن ڀائرن جي تصويرن واريون رکڙيون ٺهرائي ڇڏيون
ڪنري: رڪشا ٻنڌڻ جي ڏڻ جي تي ڪنري ۾ ڪيترين ئي ڀينرن سندن ڀائرن جي تصويرن واريون رکڙيون ٺھرائي ڇڏيون آھن، جڏھن ته شھر جي سونارا بازار ۾ پڻ سوني ۽ چاندي جون رکڙيون ٺھرايون ويون آھن، جيڪي اڄ پنھنجي ڀائرن کي ٻڌيون وينديون.
راکي ٻڌرائڻ بعد ڀائر ڀينرن کي مختلف تحفا ڏيندا
ڪنري: رڪشا ٻنڌڻ جي ڏڻ کي ھندو برادري طرفان ڏياري ۽ ھولي وانگر وڏو تھوار ڪري ملھايو ويندو آھي، جنھن ۾ راکي ٻڌڻ بعد ڀاءُ پنھنجي ڀينرن کي گفٽ طور چاندي جا لاڪيٽ، سون جا لاڪيٽ، ڪپڙن جا جوڙا، مٺايون ۽ ٻيا تعفا ڏنا ويندا آھن