نظريه ضرورت جا فيصلا انصاف جي گهرجن موجب ٿيا، عدالت قانون لاڳو ڪندي آهي: چيف جسٽس
جُولاءِ 3, 2024
اسلام آباد (بيورو رپورٽ) سپريم ڪورٽ جي فل ڪورٽ ۾ مخصوص سيٽن واري ڪيس جي ٻڌڻي ٿي، جسٽس منيب اختر رمارڪس ڏنا ته مخصوص سيٽن وارو تڪرار اليڪشن ڪميشن جي غلطين جي ڪري پيدا ٿيو، عدالت جي ڊيوٽي ناهي ته غلطيون ٺيڪ ڪري، چيف جسٽس قاضي فائز عيسيٰ چيو ته موجوده صورتحال پيدا ٿي سگهي ٿي اهو آئين ٺاهيندڙن ڇو نه سوچيو، هي انهن جو ڪم آهي، آئين ۾ ڇا نه آهي اهو ڏسڻ اسان جو ڪم ناهي، جسٽس منصور علي شاهه چيو ته اسان ان حقيقت کان اکيون ڪيئن بند ڪيون ته ماڻهن آزاد اميدوارن کي نه پر پي ٽي آءِ کي ووٽ ڏنا، اهو ڪهڙو انصاف ٿيندو؟ چيف جسٽس قاضي فائز عيسيٰ چيو ته عدالت انصاف جي گهرجن نه پر آئين ۽ قانون جو نفاذ ڪندي آهي، نظريه ضرورت جي سمورن فيصلن ۾ انصاف جي گهرجن جو ئي ذڪر آهي، جڏهن ڪو ٺوس مواد نه ملي ته پوءِ انصاف جي پنهنجي مرضي جي تشريح ڪئي ويندي آهي، جسٽس اطهر من الله چيو ته ڇا عدالت آئين جي سنگين ڀڃڪڙي جي منظوري ڏئي؟ ڇا ڪمري ۾ موجود هاٿيءَ کي نظرانداز ڪري سگهجي ٿو؟ هڪ آئيني اداري غير آئيني تشريح ڪئي ۽ سپريم ڪورٽ ان جي منظوري ڏئي؟ اليڪشن ڪميشن هڪ سياسي جماعت کي چونڊن مان ڪڍي پاڻ آئين جي سنگين ڀڃڪڙي ڪئي، بنيادي حقن جو محافظ هئڻ ناطي اسان جي ذميواري ناهي ته ان کي درست ڪيون؟ فل ڪورٽ ڪيس جي ٻڌڻي 9 جولاءِ تائين ملتوي ڪري ڇڏي….چيف جسٽس قاضي فائز عيسيٰ رمارڪس ڏنا آهن ته سپريم ڪورٽ جا فيصلا انصاف تي ٻڌل آهن هر فيصلي ۾ آئين کي فالو ڪيو، ڪجهه جج داناءَ هوندا. ايترو داناءُ ناهيان. پاڪستان کي هڪ ڀيرو آئين جي رستي تي هلڻ ڏيو. جسٽس منيب اختر چيو ته پارلياماني نظام جو بنياد سياسي جماعتن تي آهي. سوال هي آهي ته آزاد اميدوارن جو ايترو وڏو تعداد ڪٿان آيو؟ ڇا ماڻهن پاڻ انهن ماڻهن کي بطور آزاد اميدوار چونڊيو؟ ڇا اليڪشن ڪميشن پاڻ انهن ماڻهن کي آزاد قرار ناهي ڏنو؟ جڏهن ائين ٿيو ته ڇا عدالت کي هي غلطي درست نه ڪرڻ گهرجي؟ ڇا اهو قانوني آپشن نه اختيار ڪرڻ گهرجي جيڪو ان غلطي جو ازالو ڪري؟ اٽارني جنرل منصور عثمان اعواڻ دليل مڪمل ڪري ورتا. اٽارني جنرل چيو ته مون وٽ 2002 ۽ 2018 ۾ مخصوص سيٽن متعلق به رڪارڊ اچي ويو آهي. وڪيل مخدوم علي خان ٻڌايو آئين جي مطابق سيٽون سياسي جماعتن کي ملنديون نه ڪي آزاد اميدوارن کي. اهڙي صورت ۾ سياسي جماعتون تڏهن مخصوص سيٽن جي اهل هونديون جڏهن گهٽ ۾ گهٽ هڪ سيٽ کٽي هجي. مخصوص سيٽن متعلق 2002 ۾ آرٽيڪل 51 ڪم آندو ويو، ان وقت ايوان ۾ غير مسلمانن جي مخصوص سيٽن جو تعداد 10 هو 2018 ۾ 272 سيٽون ايوان ۾ مڪمل ٿيون. ٽن تي چونڊون نه ٿيون جڏهن ته 13 آزاد اميدوار منتخب ٿيا. ان دوران 9 آزاد اميدوار سياسي جماعتن ۾ شريڪ ٿيا ۽ مخصوص سيٽن جو فارمولو 256 سيٽن تي لاڳو ٿيو. 2002 ۾ قومي اسيمبلي ۾ پهريون ڀيرو آرٽيڪل 51 تحت مخصوص سيٽن جو تعين ڪيو ويو. چيف جسٽس چيو ته ڪنهن ڌر کي اهو چوندي ناهي ٻڌو ته سيٽون خالي رهن. هر ڌر اهو ئي چوي ٿي ته ٻين کي نه سيٽون مون کي ملن. اوهان پوءِ اِن پوائنٽ تي ايترو وقت ڇو وٺي رهيا آهيو ته سيٽون خالي نٿيون رهي سگهن. جسٽس جمال خان مندو خيل چيو ته آزاد اميدوار پارٽي ٺاهين ته آرٽيڪل 51 لاڳو ناهي ٿيندو. آزاد اميدوار جي اسيمبلي کان ٻاهر ته پارٽي تصور ڪئي ويندي آهي. جسٽس يحيٰ آفريدي چيو ته اوهان مطابق آرٽيڪل 51 جي تحت سني اتحاد ڪائونسل سياسي جماعت ناهي. پر ضمني اليڪشن کٽڻ کانپوءِ پارلياماني جماعت بڻجي چڪي آهي؟ اٽارني جنرل چيو ته جيڪڏهن سني اتحاد ڪائونسل ضمني چونڊن ۾ کٽيو آهي ته پارليماني پارٽي بڻجي وئي آهي. عدالت ٻڌڻي 9 جولاءِ اڱاري تائين ملتوي ڪري ڇڏي.