سنڌ جي تعليم کاتي ۾ استادن جي 14 هزار خالي جاين تي ڀرتين جون تياريون مڪمل : ويٽنگ تي ويٺل اميدوار ڀرتي ٿيندا : لسٽون تيار

اپريل 16, 2024

ڪراچي(رپورٽ: شاهد ميراڻي) سنڌ جي تعليم کاتي ۾ استادن جي  14 هزار خالي جاين تي ڀرتين جون تياريون مڪمل، لسٽون تيار ڪيون ويون

تعليم کاتي جي اختيارين چيو آهي ته پرائمري ٽيچرز جي 9 هزار 315 خالي جاين تي ڀرتيون ڪيون وينديون، 4 هزار 725 جونيئر اسڪول ٽيچرز جي خالي جاين تي به ڀرتيون ڪرڻ جو فيصلو ڪيو ويو آهي، سمورن ضلعن جي ڊسٽرڪٽ ايجوڪيشن آفيسرز لسٽ تيار ڪري ورتي

ڪراچي ۾ پرائمري ٽيچرز جي 4 هزار 295 ۽ هڪ هزار 260  جونيئر ٽيچرز کي ڀرتي ڪيو ويندو، حيدرآباد ۾ 2 هزار 731 پرائمري ٽيچرز ۽ 2 هزار 731 جونيئر اسڪول ٽيچرز جي  خالي جاين تي ڀرتيون ڪيون وينديون

 لاڙڪاڻي ۾پرائمري سائيڊ تي هڪ هزار 74 ۽ 503 جونيئر ٽيچر ڀرتي ڪرڻ جو فيصلو ڪيو ويو، سکر ۾ هڪ هزار 215 پرائمري ۽ 231 جونيئر ٽيچرز ڀرتي ٿيندا، ڀرتي ٿيندڙ سمورا اميدوار ويٽنگ تي آهن

 2021ع ۾ اميدوارن ميرٽ تي ٽيسٽ پاس ڪئي هئي، نگران حڪومت ويٽنگ تي موجود  اميدوارن جي ڀرتين تي پابندي لاڳو ڪئي هئي

Leave A Comment