ملڪ ۾ سوا پنج لک خاندان جهوپڙين ۾ رهندڙ، سنڌ ۾ سڀ کان وڌيڪ 3 لک جهوپڙيون، سانگهڙ جو پهريون نمبر
آگسٽ 8, 2024
اسلام آباد (رپورٽ: ايم بي سومرو) ملڪ اندر قائم مجموعي طور تي جهڳين/ جھوپڙين، خيمن ۽ غار نما گهرن مان 59 سيڪڙو جهڳين، خيمن ۽ غار نما گهر سنڌ ۾ هجڻ جو انڪشاف ٿيو آھي، سنڌ صوبي ۾ جهڳين جي حوالي سان مشهور عمرڪوٽ ۽ ٿرپارڪر ضلعن کان به وڌيڪ تيل، گيس پيدوار ۾ وڏو حصو ڏيندڙ سانگهڙ ضلعي ۾ سڄي سنڌ ۾ سڀ کان وڌيڪ جهڳين، خيمن ۽ غار نما گهر آهن، ٻئي نمبر تي خيرپور ميرس ضلعي ۾ جهڳيون، خيمن ۽ غار نما گهر هجڻ جي تصديق ٿي آهي تفصيل موجب وفاقي حڪومت جي رپورٽ ۾ انڪشاف ڪندي ٻڌايو ويو آھي ته پاڪستان ۾ سنڌ صوبي اندر چئني صوبن مان سڀ کان وڌيڪ جهڳين ،خيمن ۽ غار نما گهرن ۾ ماڻهو رهن ٿا، آدمشماري ڪرائيندڙ اداري شماريات بيورو پاران تازو ئي 2023 جي آدمشماري جي جاري ڪيل رپورٽ ۾ گهرن جي بنيادي ڍانچن جا به تفصيل ڏنا ويا آھن، رپورٽ موجب پاڪستان ۾ مجموعي طور تي جھوپڙين، خيمن ۽ غار نما گهرن جو ڪل تعداد 5 لک 30 هزار 924 آھي جن ۾ 4 لک 41 هزار 711 گهر پاڪستان جي ٻهراڙين وارن علائقن ۾ آھن، جڏهن ته 89 هزار 213 گهر شهري علائقن ۾ آھن . صوبي وار تفيصلن ۾ ٻڌايو ويو آھي ته پاڪستان ۾ جھوپڙين ، خيمن ۽ غار نما موجود گهرن ۾ 59 سيڪڙو گهر رڳو سنڌ صوبي ۾ آھن، چئني صوبن مان سڀ کان وڌيڪ جهوپڙين ۽ خيمن ۾ گهر سنڌ صوبي ۾ قائم آھن جن جو تعداد 3 لک 13 هزار 739 آھي جن ۾ 2 لک 68 هزار 372 سنڌ جي ٻهراڙين ۽ 45 هزار 367 سنڌ جي شهري علائقن ۾ جهوپڙين ۽ خيمن ۾ گهر قائم شامل آھن، جڏهن ته خيبرپختونخوا صوبي ۾ اهڙن گهرن جو تعداد رڳو 11 هزار 482 ، پنجاب صوبي ۾ 1 لک 4 هزار 267 ، بلوچستان صوبي ۾ 98 هزار 723 ۽ اسلام آباد ۾ 2713 اهڙا گهر آھن .رپورٽ ۾ ڄاڻايو ويو آھي ته سنڌ صوبي اندر جھوپڙين ۽ خيمن ۾ سڀ کان وڌيڪ گهر ضلعي سانگهڙ ۾ قائم آھن جن جو تعداد 37 هزار 324 آھن،ٻئي نمبر تي جهوپڙين ۽ خيمن ۾ قائم گهرن جو تعداد خيرپورميرس ضلعي ۾ 30 هزار 609 آھي . ميرپورخاص ضلعي ۾ 25 هزار 151، دادو ضلعي ۾ 19 هزار 724 ، قمبر شهداد ڪوٽ ضلعي ۾ 17 هزار 367 ، ضلعي ٺٺي ۾ 16 هزار 734 ، بدين ضلعي ۾ 16 هزار 267 ، جيڪب آباد ضلعي ۾ 13 هزار 613 ، عمر ڪوٽ ۾ 13 هزار 724، شهيد بينظير آباد ۾ 12 هزار 779 ، ڄامشوري ضلعي ۾ 11 هزار 752 ، شڪارپور 11 هزار 246، حيدرآباد ضلعي ۾ 9438 ، ٽنڊو الهيار 9395 ، لاڙڪاڻي ضلعي ۾ 7675 ، مٽياري ضلعي ۾ 7269 ، سکر 7248، گهوٽڪي ۾ 7021، ڪشمور ضلعي ۾ 6423 ، نوشهرو فيروز ضلعي ۾ 6081 ، ملير ضلعي ۾ 5786 ، ٽنڊو محمد خان ۾ 5663 ، سجاول 5144 ، ڪراچي ايسٽ ضلعي ۾ 4445 ، ٿرپارڪر ۾ 2777 ، ڪياماڙي 1131 ، ڪراچي سينٽرل 652، ڪراچي ويسٽ ضلعي ۾ 691 ، ڪورنگي ضلعي ۾ 511 ، ڪراچي ڏکڻ ۾ 99 جهوپڙين ۽ خيمن ۾ گهر قائم هجڻ جي نشاندهي ڪئي وئي آھي .
سنڌ ۾ 48 هزار گهڻ ماڙ رهائشي عمارتون
اسلام آباد : آدمشماري 2023ع جي جاري ڪيل رپورٽ ۾ ٻڌايو ويو آھي ته سنڌ صوبي اندر عمارتن مان 48 هزار 400 گهڻ ماڙ رهائشي، 1815 ڪمرشل/ معاشي ۽ 24 هزار 678 رهائشي ۽ معاشي گڏيل بلڊنگون آھن، سنڌ ۾ 61 لک 63 هزار 334 نارمل اسٽرڪچر واريون رهائشي ، 8لک 25 هزار 893 معاشي ۽ 2 لک 15 هزار 723 رهائشي ۽ معاشي گڏيل عمارتون آھن
سنڌ صوبي ۾ هڪ لک 36 هزار 920 گهر زير تعمير ڄاڻايا ويا
اسلام آباد: آدمشماري 2023ع جي جاري ڪيل رپورٽ ۾ ٻڌايو ويو آھي ته سنڌ ۾ 1 لک 36 هزار 920 گهر زير تعمير آھن، جڏهن ته صوبي ۾ 3 لک 13 هزار 739 جهوپڙين، خيمن ۾ گهر قائم آهن.
جهڳين جي حوالي سان عمرڪوٽ ۽ ٿرپارڪر مشهور پر انگ گهٽ ظاهر
اسلام آباد: سنڌ صوبي ۾ جهڳين جي حوالي سان عمرڪوٽ ۽ ٿرپارڪر شهر مشهور آهن پر تعداد جي حوالي سان ٻئي شهر پوئتي آهن، سانگهڙ ۾ سڀ کان وڌيڪ جهڳيون آهن، ٻئي نمبر تي خيرپور آهي.