ملڪ ۾ سوا چار ڪروڙ ڇڙا موجود: رشتن جي تلاش
جُولاءِ 24, 2024
اسلام آباد ( م ڊ ) تازي ڊجيٽل آدم شماري رپورٽ ۾ ڄاڻايو ويو آهي ملڪ ۾ غير شادي شده ماڻهن جو انگ چار ڪروڙ پنجويهه لک ٿي ويو آهي
آدم شماري رپورٽ موجب، گذريل ڇهن سالن دوران غيرشادي شده ماڻهن جي انگ ۾ اٽڪل 52 سيڪڙو اضافو ٿيو آهي، 2017 ۾ غير شادي شده ماڻهن جو انگ 3 ڪروڙ 73 لک هو
شماريات کاتي جي رپورٽ موجب، پنجاب ۾ غير شادي شده ماڻهن جو انگ سڀ کان وڌيڪ ٻه ڪروڙ 36 لک آهي، سنڌ ۾ 95 لک 86 هزار، خيبرپختونخوا ۾ 66 لک 72 هزار، بلوچستان ۾ 21 لک 81 هزار جڏهن ته اسلام آباد ۾ 4 لک 86 هزار شهري ڪنوارا آهن
رپورٽ ۾ چيو ويو آهي ته ملڪ ۾ شادي شده ماڻهن جو انگ 9 ڪروڙ 45 لک آهي ۽ ڇهن سالن دوران شادي شده ماڻهن جو انگ هڪ ڪروڙ 42 لک واڌ ٿي آهي
رپورٽ موجب، تازي آدم شماري ۾ طلاق يافته ۽ بيواهه عورتن جي انگ ۾ گهٽتائي رڪارڊ ڪئي وئي آهي
ملڪ ۾ طلاق يافته عورتن جو انگ 4 لک 99 هزار آهي ۽ 2017 ۾ طلاق يافته عورتن جو انگ 5 لک 15 هزار هو. شماريات کاتي 15 سال ۽ ان کان وڌيڪ عمر جي ماڻهن جي ڊيٽا جي بنياد تي رپورٽ مرتب ڪئي آهي