سنڌ ۾ امن امان جا مسئلا آهن پر سرڪار ڀرپور قدم کڻي رهي آهي: وڏو وزير مراد علي شاهه

مَي 24, 2024

سنڌ ۾ امن امان جا مسئلا آهن پر سرڪار ڀرپور قدم کڻي رهي آهي، اسٽريٽ ڪرائيم کي گهڻي حد تائين ڪنٽرول ڪيو ويو آهي، ان کي وڌيڪ گهٽائڻ لاءِ قدم کڻي رهيا آهيون: وڏي وزير مراد علي شاهه جون ايف پي سي سي آءِ جي وفد سان ملاقات دوران ڳالهيون، وڏي وزير فيڊريشن آف پاڪستان چيمبرز آف ڪامرس انڊسٽري جي وفد سان ملاقات دوران چيو ته سنڌ حڪومت جي قبضا مافيا خلاف زيرو ٽالرنس پاليسي آهي، اسٽريٽ ڪرائيم کي ڪنٽرول ڪرڻ لاءِ پراسيڪيوشن کي مضبوط ڪري رهيا آهيون، اسٽريٽ ڪرائيم جي عادي ڏوهارين جي نگراني لاءِ مانيٽرنگ سسٽم ٺاهي رهيا آهيون، وڏي وزير چيو ته ڌاٻيجي ۾ صنعتي پلاٽن کي قسطن تي ڏيڻ لاءِ جائزو وٺنداسين، ملاقات ۾ موجود صوبائي وزير ڄام اڪرام ڌاريجو وفد کي ٻڌايو ته ڪراچي ۽ لاڙڪاڻي ۾ نوان صنعتي زون قائم ڪيا پيا وڃن، سکر سائيٽ کي به وڌائي رهيا آهيون، ايف پي سي سي آءِ وفد مراد علي شاهه کي ٽيون ڀيرو وڏو وزير ٿيڻ تي واڌايون به ڏنيون

Leave A Comment