موجوده ۽ گذريل حڪومت ۾ ڪوئي فرق ناهي، اوترا ئي ماڻهو لاپتا ٿي رهيا آهن: اسلام آباد هاءِ ڪورٽ

آگسٽ 21, 2024

اسلام آباد(بيورو رپورٽ) اسلام آباد هاءِ ڪورٽ لاپتا پي ٽي آءِ ڪارڪن فيضان جي گمشدگي جو معاملو اٽارني جنرل کي سامهون رکڻ جي هدايت ڪري ڇڏي. لاپتا ڪارڪن جو والد عدالتي ڪمري ۾ روئي ويٺو. جسٽس ميان گل حسن اورنگزيب لاپتا پي ٽي آءِ ڪارڪن فيضان جي بازيابي جي لاءِ داخل درخواست جي ٻڌڻي ڪئي. ٻڌڻي دوران لاپتا فيضان جو والد روسٽرم تي اچي روئڻهارڪو ٿي ويو ۽ موقف اختيار ڪيو ته صبح شام مري رهيو آهيان. 75 ورهين جو آهيان، بستر تان اُٿي نٿو سگهان. منهنجي گهرواري مون کي کڻڻ جي قابل ناهي. عدالت معاملو اٽارني جنرل جي سامهون رکڻ جي هدايت ڪندي خميس تائين رپورٽ طلب ڪري ورتي. هوڏانهن پي ٽي آءِ اڳواڻ اظهر مشواڻي جي لاپتا ٻن ڀائرن جي بازيابي واري درخواست تي ٻڌڻي دوران جسٽس ميان گل حسن اورنگزيب چيو ته جيڪو ڪجهه اڄ ٿي رهيو آهي ايئن ئي گذريل حڪومت ۾ به ٿي رهيو هو ٻنهي ۾ ڪوئي فرق ناهي، گهرو سيڪريٽري، وزارت دفاع ۽ ايف آءِ اي چئي رهي آهي ته اسان وٽ ناهي، ڪنهن عام ماڻهو يا اسٽيٽ اهلڪارن لاپتا ڪيو ته ٻنهي صورتن ۾ ڏوهه آهي، مسنگ پرسن جيترا هن حڪومت ۾ ٿي رهيا آهن اوترا ئي گذريل حڪومت ۾ ٿي رهيا هئا، عدالت چيو ته اسان کي آئين ۽ قانون کي ڏسي فيصلو ڪرڻو آهي، اميد آهي ته اٽارني جنرل جي ڪوشش سان اهي ماڻهو واپس ايندا، جيڪڏهن ڪير نفرت واري تقرير ڪري ٿو ته ان کي قانون موجب منهن ڏيو ان ۾ ڀائرن جو ڪهڙو ڏوهه آهي؟ پيءُ پٽ جو ۽ پٽ پيءَ جو ذميوار قرار نٿو ڏئي سگهجي، عدالت سي سي ٽي وي فوٽيج طلب ڪندي ٻڌڻي ملتوي ڪري ڇڏي.

Leave A Comment