پابندي بابت ڪا مشاورت ناهي ڪئي، اسان مان اميد نه رکجو: پ پ
جُولاءِ 25, 2024
اسلام آباد (م ڊ) پيپلزپارٽي جي مرڪزي اڳواڻ شيري رحمان چيو آهي ته پ پ ۽ ن ليگ پي ٽي آءِ تي پابندي بابت ڪا مشاورت اڃا ناهي ڪئي. خانگي ٽي وي چينل موجب شيري رحمان جو چوڻ هو ته پي ٽي آءِ تي پابندي ڪو ننڍڙو فيصلو ناهي. پابندي جي معاملي تي دليل به ٻڌڻا پوندا آهن. هن چيو ته هن بحراني دور ۾ ڇنڊي ڦوڪي قدم کڻڻا پوندا. پ پ کان ڪنهن غير آئيني قدم جي اميد نه رکي وڃي. سندس چوڻ هو ته هن وقت اسان جو پارٽي چيئرمين ۽ مرڪزي اڳواڻ به نه آهن، پي ٽي آءِ صرف اسٽيبلشمينٽ سان ڳالهيون ڪرڻ چاهي ٿي. پي ٽي آءِ تي پابندي تي مشاورت ڪيئن ٿي ٿي سگهي.