9 مئي تي معافي وٺڻ تائين ڳالهيون نه ٿينديون، عمران جو فوجي ٽرائل ٿي سگهي ٿو: بچاءُ وزير

سيپٽمبر 2, 2024

اسلام آباد(م ڊ) بچاءُ بابت وفاقي وزير خواجه آصف پي ٽي آءِ باني جو فوجي ٽرائل ٿيڻ جو اشارو ڏئي ڇڏيو آهي. خانگي ٽي وي چينل سان ڳالهائيندي وفاقي وزير خواجه آصف چيو ته پي ٽي آءِ جيستائين 9 مئي واقعن تي قوم کان معافي نه وٺندي تيستائين ڳالهيون نه ٿينديون، نو مئي واقعن جوا حتساب ٻه سو سيڪڙو ٿيڻ گھرجي. پي ٽي آءِ کي اڳ به ڳالهين جي آڇ ڪئي هئي، تحريڪ انصاف کي وزيراعظم شهباز شريف پارليامينٽ فلور تي 3 ڀيرا ڳالهين جي آڇ ڪئي پر انهن رسپانس نه ڏنو. هاڻي پي ٽي آءِ کي ڳالهين لاءِ 9 مئي واقعن تي معافي وٺڻي پوندي.  هن چيو ته پي ٽي آءِ سان ڳالهين لاءِ ماحول سازگار ناهي، پي ٽي آءِ باني جو فوجي ٽرائل ٿي  سگهي ٿو. بيورو ڪريسي ۽ عدليه کي فيصلن جو حساب ڏيڻو پوندو.

Leave A Comment