هي ڪيس تڏهن ختم ٿيندو جڏهن احمد فرهاد هن عدالت ۾ پيش ٿيندو: اسلام آباد هاءِ ڪورٽ

مَي 31, 2024

اسلام آباد هاءِ ڪورٽ شاعر احمد فرهاد جي گمشدگي خلاف ڪيس اڪلائڻ واري وفاقي سرڪار جي استدعا رد ڪري ڇڏي، جسٽس محسن اختر ڪياني رمارڪس ۾ چيو ته هي ڪيس تڏهن ختم ٿيندو جڏهن احمد فرهاد هن عدالت ۾ پيش ٿيندو، ٻڌڻي شروع ٿيڻ تي ايڊيشنل اٽارني جنرل منور اقبال دوگل عدالت کي ٻڌايو ته احمد فرهاد آزاد ڪشمير پوليس جي تحويل ۾ آهي ۽ ٻن ڏينهن جي جسماني رمانڊ تي آهي، احمد فرهاد کي سندس خاندان سان ملاقات به ڪرائي وئي آهي، ايڊيشنل اٽارني جنرل درخواست اڪلائڻ جي استدعا ڪئي، عدالت وفاقي سرڪار جي استدعا رد ڪندي ٻڌڻي 7 جون تائين ملتوي ڪري ڇڏي

Leave A Comment