ڌمڪي آميز پوسٽ: عمران خان تي حڪومت ۽ رياستي ادارن خلاف بغاوت تي همٿائڻ جو ڪيس داخل
سيپٽمبر 14, 2024
اسلام آباد(مانيٽرنگ ڊيسڪ) پاڪستان تحريڪ انصاف جي باني عمران خان جي سوشل ميڊيا اڪائونٽ تان ڌمڪيون ڏيندڙ پوسٽ شيئر ڪرڻ تي بغاوت جو ڪيس داخل ڪيو ويو آهي. ذريعن موجب پي ٽي آءِ جي باني خلاف حڪومت ۽ رياستي ادارن خلاف بغاوت تي اڪسائڻ جو ڪيس داخل ڪيو ويو آهي. ذريعن ٻڌايو ته ڪيس نمبر 1138/24 تاريخ 13 سيپٽمبر 2024 داخل ڪيو ويو.ذريعن جو چوڻ آهي ته ايف آءِ اي سائبر ڪرائم جي 4 رڪني جاچ ٽيم ڇنڇر جي صبح وڌيڪ جاچ لاءِ اڊيالا جيل رواني ٿيندي ۽ جاچ ٽيم پي ٽي آءِ جي باني کان بغاوت جا پيغام ۽ انهن کي پکيڙڻ ۾ ملوث ساٿين کان پڇا ڳاڇا ڪندي.ٻئي طرف پي ٽي آءِ جي باني سوشل ميڊيا اڪائونٽ تان ڌمڪيون ڏيندڙ پوسٽ شيئر ڪرڻ واري معاملي تي ايف آءِ اي سائبر ڪرائم ونگ جي جاچ ٽيم آڏو پيش ٿيڻ کان انڪار ڪري ڇڏيو.ذريعن جو چوڻ آهي ته پي ٽي آءِ باني جواب ڏنو ته هو وڪيلن جي موجودگي ۾ جاچ ۾ شريڪ ٿيندو.پي ٽي آءِ باني جي سوشل ميڊيا اڪائونٽ تي پوسٽ جي جاچ لاءِ ايف آءِ اي جي ٽيم خاص طور اڊيالا جيل پهچي وئي هئي ۽ چار رڪني ٽيم اڍائي ڪلاڪن کان وڌيڪ وقت تائين اڊيالا جيل ۾ رهي.اسسٽنٽ ڊائريڪٽر اياز خان جي سربراهي ۾ جاچ ٽيم ۾ ايف آءِ اي سائبر ڪرائم جا جاچ ۽ ٽيڪنيڪل آفيسر شامل هئا.