ٽن صوبن پاران ٽه رخي فارمولي تحت پاڻي ورڇ جو مطالبو: سنڌ جي مخالفت: اجلاس بنا نتيجي ختم
آگسٽ 1, 2024
اسلام آباد (بيورو رپورٽ) سي سي آءِ جي هدايت تي پاڻي وزارت ۾ ٿيل پاڻي مامرن جي وفاقي وزير ۽ چئني صوبن جي آبپاشي وزيرن ، صوبائي آبپاشي سيڪريٽرين جي اجلاس ۾ پنجاب، ڪي پي ڪي ۽ بلوچستان جي آبپاشي وزيرن پاڻي ٺاهه جي پيرا ٽو تحت پاڻي ورڇ جي مخالفت ڪندي ٽي رخي فارمولي تحت پاڻي ورڇ ڪرڻ جو مطالبو ڪري ڇڏيو، سنڌ صوبي پاران ٽي رخي فارمولي تحت ورڇ جي مخالفت ڪندي پاڻي ٺاهه جي پيرا ٽو تحت پاڻي ورڇ ڪرڻ جو مطالبو ڪيو ويو. اجلاس بنا نتيجي ختم ٿي ويو، اڄ ٻيهر اجلاس ٿيندو. اجلاس جي صدارت پاڻي مامرن جي وفاقي وزير مصدق ملڪ ڪئي، سنڌ جي آبپاشي وزير ڄام خان شورو، سيڪريٽري ايريگيشن ظريف کيڙي ،پنجاب صوبي مان ڪاظم خان، بلوچستان جي صوبائي وزير مير محمد صادق عمراڻي، ڪي پي ڪي مان عقيب الله خان ۽ ٻين شرڪت ڪئي اجلاس ۾ 1991 واري پاڻي ٺاهه جي روشني ۾ ٿيندڙ پاڻي ورڇ جو جائزو ورتو ويو ، اجلاس ۾ پنجاب ، ڪي پي ڪي ۽ بلوچستان پاڻي ورڇ ٽي رخي فارمولي تحت ڪرڻ جو مطالبو ڪندي پاڻي ٺاھه تي خدشا ختم ڪرڻ جي به گهر ڪئي، اجلاس ۾ پنجاب جي آبپاشي وزير موقف اختيار ڪندي چيو ته 91 واري پاڻي ٺاهه تي خدشا آهن جنهن ڪري ان تي نظرٽاني ڪئي وڃي، ٽي رخي فارمولو پاڻي ٺاهه جو حصو آھي پاڻي ورڇ ٽي رخي فارمولي تي ئي ٿيڻ گهرجي جنهن بعد ڪي پي ڪي ۽ بلوچستان جي صوبائي وزيرن به پنجاب صوبي جي موقف جي حمايت ڪئي جڏهن ته بلوچستان جي صوبائي وزير سنڌ مٿان حصي جو پاڻي نه ڏيڻ جو الزام هڻندي چيو ته سنڌ اسان کي مسلسل پاڻي جي کوٽ ڏني آهي، اسان جون زمينون بنجر بڻجي ويون آهن، بلوچستان جو 40 سيڪڙو پاڻي چوري ڪيو پيو وڃي،تڪرار جي حل لاءِ واپڊا کي ٿرڊ پارٽي مقرر ڪيو وڃي. سنڌ جي آبپاشي وزير ڄام خان شوري ٽي رخي فارمولي تحت پاڻي ورڇ کي پاڻي ٺاھه 1991 جي خلاف ورزي قرار ڏيندي چيو ته سنڌ کي ڪو به هڪ يا ٻه رخي فارمولو قبول نه آھي، سنڌ صوبو پاڻي ٺاھ جي پيرا ٽو تحت پاڻي ورڇ چاهي ٿي، جنهن تي عمل نه ٿيڻ سان سنڌ کي شديد نقصان ٿيو آھي 22 لک ايڪڙ سنڌ جي زمين غير آباد ٿي وئي آھي، جيڪا پهريان زمين آباد ٿيندي هئي اوتري به آباد نه ٿي رهي آھي، اجلاس ۾ سنڌ جي صوبائي وزير بلوچستان جي الزامن کي رد ڪندي چيو ته صدر آصف علي زرداري جي هدايت تي اسان بلوچستان کي اضافي پاڻي ڏئي رهيا آهيون . آبپاشي کاتي سنڌ جي سيڪريٽري ظريف کيڙو چيو ته سيڪريٽري آبپاشي ظريف کيڙي چيو ته سنڌ 42 سيڪڙو پاڻي جو حق رکي ٿو، جڏهن ته بلوچستان 1.2 ملين ايڪڙ فوٽ، ڪي پي ڪي 2 ملين ايڪڙ فوٽ پاڻي کڻي رهيا آهن انهن کي ملائي پنجاب پنهنجو ووٽ وڌائي ٿو، هن چيو ته بلوچستان اڄ به گڊو وٽ پاڻي کڻي رهيو آهي، پر بلوچستان کي پاڻي استعمال ڪرڻ لاءِ وسيلا ناهن، جنهن ڪري هو پاڻي نه پيو کڻي اسان کين وڌيڪ پاڻي ڏئي رهيا آهيون، وفاقي وزير مصدق ملڪ چيو ته اڄوڪو اجلاس اعتماد سازي جو پهريون قدم آهي، اجلاس ايندڙ ڏينهن ۾ به ڪيو ويندو جنهن بعد اجلاس بنا نتيجي ختم ٿي ويو.