سخت حڪومتي پاليسيون، مهانگائي، ڊجيٽل ميڊيا جو طوفان: اخباري صنعت وجود وڃائڻ لڳي
سيپٽمبر 25, 2024
حيدرآباد (رپورٽ: عظمت الله ڪنڀر) سنڌ سميت سڄي ملڪ ۾ اڄ اخبار پڙهڻ جو قومي ڏينهن ملهايو پيو وڃي، اخبارن پڙهندڙن جو قومي ڏينهن هر سال 25 سيپٽمبر تي ملهايو ويندو آهي، اهو ڏينهن ملهائڻ جو مقصد اخبارن جي ايڊيٽرن، رپورٽرن، فوٽوگرافرن ۽ ٻين لاڳاپيل ماڻهن کي ڀيٽا پيش ڪرڻ آهي، جيڪي روزانو جون خبرون اسان جي در تائين پهچائڻ لاءِ اڻٿڪ محنت ڪندا آهن، هي ڏهاڙو ’آل پاڪستان نيوز پيپر سوسائٽي“ پاران هر سال ملهايو ويندوآهي، هن تاريخ جي اهميت ان ڪري به آهي ڇاڪاڻ جو هن ڏينهن تي دنيا جي پهرين گهڻن صفحن واري روزاني اخبار ’پبلڪ ايونٽس‘ آمريڪا مان 1689ع ۾ شايع ٿي، اخبار ماضي ۾ ملڪن ۾ خبرن ذريعي تحريڪون شروع ڪرايو ۽ انقلاب آندا آهن اتي هاڻي اخبار انڊسٽري جو وجود ڏينهن جو ڏينهن خطري ۾ پئجي رهيو آهي، حڪومتن جي سخت پالسيين، ڪاغذ جي مهانگي ٿيڻ، ڪورونا وبا، ڊيجيٽل ميڊيا جي طوفان ۽ ٻين ڪيترن ئي مسئلن جي ڪري سڄي دنيا ۾ گذريل 5 سالن ۾ سوين اخبارون بند ٿي ويون، دنيا جون مشهور اخبارون پڻ پنهنجون آفيسون بند ڪري ملازمن کي برطرف ڪري ڇڏيو، 5 سالن ۾ اخبارن ۽ ميگزين جي سرڪيوليشن ۾ واضح ڪمي آهي پر هڪ علامت ها به آهي ته پاڪستان ۾ ڊيجيٽل ميڊيا جي تيز رفتار پکيڙ، سوشل ميڊيا جي ويب سائيٽن جي بي پناهه مقبوليت باوجود اڄ به اخبار جي خبر جي اهميت آهي، جعلي يا ڪوڙين خبرن جي وڏي پئماني تي پکڙجڻ واري دور ۾ اخبارون معتبر ۽ مستند معلومات جو ذريعو آهن. ٻئي طرف عالمي سطح تي نظر وجهجي ته ڪورونا بعد دنيا جون مشهور اخبارون بند ٿي ويون سوين اخبارن پنهنجي سرڪيوليشن پڻ گهٽائي ڇڏي آهي، ان سموري صورتحال تي سڄي دنيا جي پرنٽ ميڊيا هائوسز ڳڻتي جو پڻ اظهار ڪيو آهي، ٻئي طرف حڪومتي سطح تي نظر وڌي وڃي ته جتي آزاد صحافت يا اظهار جي آزادي جي حوالي سان ڪيتريون ئي پابنديون ۽ سخت قانون آندا ويا آهن اتي اخبارون پنهنجي خبرن ۾ انهن پابندين باوجود پنهنجي خبر ڏيڻ ۾ ڪامياب ٿي وڃن ٿيون، اڄوڪي ڏينهن جي حوالي سان ملڪ صحافتي تنظيمن جو چُوڻ آهي ته پرنٽ ميڊيا ۽ مڪالمي، بحث ۽ خيالن جي ڏي وٺ لاءِ هڪ پليٽ فارم طور ڪم ڪندو آهي، جيڪو قومي سڃاڻپ جي احساس کي پروان چڙهائيندو آهي، اڄوڪي ڏينهن جي موقعي تي ملڪ جي چئني گورنرن ۽ وڏن وزير پنهنجي پيغام ۾ چيو آهي ته اظهار جي آزادي جي فروغ لاءِ عزم کي ورجايون ٿا، هنن اخبارن تي زور ڀريو ته هو هڪ پڙهيل لکيل ۽ روشن خيال قوم جي ترقي لاءِ حڪومت سان گڏ هجن. اسان کي گهرجي ته پنهنجي عوام کي پڙهڻ جي عادت جي حوصلا افزائي ڪريون ڇو ته اها قوم جي ذهني ترقي ۾ اهم ڪردار ادا ڪندي. هن چيو ته تعليم هن جي روزاني معمول ۾ اهم ڪردار ادا ڪيو.اخبارن به پوري دنيا ۾ پاڪستان جو مقام برقرار رکڻ ۾ مدد ڪئي آهي، اڄوڪي ڏينهن جي موقعي تي ملڪ ۾ اخبارن جي بقا جي جنگ وڙهندڙ ’آل پاڪستان نيوز پيپر سوسائٽي“ کي پڻ ڀيٽا پيش ڪئي ويندي، ’آل پاڪستان نيوز پيپر سوسائٽي چيو آهي ته عوام کي گهرجي ته هو پنهنجي ٻارن ۾ پڙهڻ جي عادت وجهن، پاڪستان ۾ پرنٽ ميڊيا جي ترقي ۽ بقا ۾ اي پي اين ايس تمام اهم ڪردار ادا ڪري رهيا آهن، حڪومتون اخبارن کي سهولتون ڏين. آزاد پريس انهن جمهوري اصولن جي حفاظت ۾ هڪ اهم ڪردار ادا ڪري ٿي.
پاڪستان ۾ اشتهار روڪي اخبارن کي مالي بحرانن ۾ڦاسائڻ جا حربا استعمال
حيدرآباد: پاڪستان ۾ ميڊيا گذريل 5 سالن کان تمام گهڻي مشڪلاتن جو شڪار آهي، سرڪار طرفان اشتهارن جي مد ۾ رقم روڪڻ توڙي اشتهار نه ڏيڻ تي ٽي وي چينلز ۽ اخبارون سنگين مالي بحران جون شڪار ٿي ويون آهن، هن وقت به سرڪار اربين رپين جي ميڊيا انڊسٽري جي قرضي آهي، جڏهن ته مالي بحران وڌڻ سبب پاڪستان جي وڏن وڏن ٽي وي چينلن توڙي اخبارن پنهنجا ملازم برطرف ڪري ڇڏيا، ڪيترن ئي شهرن ۾ اسٽوڊيوز توڙي ٽي وي چينلز ۽ اخبارن جون آفيسون بدن ٿي ويون آهن، 10 هزار کان وڌيڪ ملازم ٽي وي چينلن ۽ اخبارن مان برطرف ٿي چڪا آهن. هن وقت به ڪيترائي ٽي وي چئنل توڙي اخبارون پنهنجي ورڪرن کي مهينن جا مهينا دير سان پگهارون ڏئي رهيا آهن.
پاڪستان صحافين لاءِ خطرناڪ ملڪن ۾ شامل
حيدرآباد: پريس جي آزادي جي حوالي سان هر سال صحافين جي عالمي تنظيم رپورٽرس ود آئوٽ بارڊرس ملڪن جي رينڪنگ تيار ڪندي آهي، انهيءَ رينڪنگ ۾ پاڪستان صحافين لاءِ خطرناڪ ملڪن ۾ شامل آهي، فن لينڊ، نيدرلينڊ، ناروي، نيوزيلينڊ، سوئيڊن، آئسلينڊ، جرمني ۽ ٻين ملڪن کي صحافت جي حوالي سان بهترين ملڪ قرار ڏنو ويو آهي، صحافت جي آزادي لاءِ ڪم ڪندڙ عالمي تنظيمن ۾ ڪاميٽي ٽو پروٽيڪٽ جرنلسٽس، ڪينيڊين جرنلسٽس فار فري ايڪسپريشن، آرٽيڪل 19، اليڪٽرانڪ فرنٽيئر فائونڊيشن، فريڊم هائوس، انٽر آمريڪن پريس ايسوسيئيشن، ورلڊ ايسوسيئيشن آف نيوز پيپرس اينڊ پبلشرس، ورلڊ پريس فريڊم ڪاميٽي ۽ ٻيون تنظيمون شامل آهن.
پاڪستان ۾ اخباري صحافت ڏکيا دور ڏٺا، اخبارون بند ٿيون، بغاوتن جا ڪيس ۽ ڪوڙا ڦٽڪا ڀوڳيا
حيدرآباد: پاڪستان ۾ صحافت جي آزادي تي نظر وجهجي ته پاڪستان ۾ حق ۽ سچ لکڻ تي ڪيترائي صحافي جيلن ۾ ويا ۽ ڪوڙا به کاڌا، ضياءُ الحق جي دور ۾ صحافين ناصر زيدي، خاور نعيم هاشمي، اقبال جعفري ۽ محسود الله کي ڪوڙن جي سزا ملي، ڪوٽ لکپت جيل ۾ ناصر زيدي، خاور نعيم هاشمي ۽ اقبال جعفري کي ڪوڙا لڳا، جڏهن ته محسود الله معذور هجڻ سبب ڊاڪٽرن جيل انتظاميا کي منع ڪيو ته کيس ڪوڙا نه هنيا وڃن، سندس طبيعت وڌيڪ خراب ٿي سگهي ٿي، اهڙي ريت 1970ع مساوات بحالي تحريڪ ۾ 450 صحافي گرفتار ٿيا، 2007ع ۾ مشرف جي دور ۾ اسلام آباد ۾ 200 صحافين تي ڪيس داخل ٿيا، جنهن تي ڪراچي ۾ 200 کان وڌيڪ صحافين پنهنجون گرفتاريون پيش ڪيون ۽ سڄي ملڪ ۾ مظاهرا ٿيا، اهڙي ريت مختلف حڪومتن ۾ سرگرم صحافي منهاج برنا، نثار عثماني، حسين نقوي، آءِ اي رحمان، عبدالحميد ڇاپڙا، نثار چنا، جي اين مغل، سراج الحق ميمڻ ۽ ٻيا صحافي جيلن ۾ ويا، مختلف حڪومتن ۾ صحافين جون تحريڪون هليون ۽ صحافين کي مختلف طريقن سان تشدد جو نشانو بڻايو ويو. رڳو اهو ئي نه الوحيد اخبار کي ون يونٽ ٺاهڻ جي الزام ۾ بند ڪيو ويو، سنڌي اخبارن لاءِ سڀ کان خطرناڪ دور مارشلا جو رهيو، جنهن ۾ سنڌي اخبارن کي سخت ترين سينسر شپ جو منهنجو ڏسڻو پيو، سينسر جو ٺپو لڳندو هو پوءِ ئي اخبار شايع ٿي سگهندي هئي، ان درو ۾ ڪيترن ئي صحافين تي بغاوت جا به ڪيس داخل ٿيا