وقت کان اڳ چونڊن جو امڪان رد: آپريشن نه پيو ٿئي،گنڊاپور ڊبل پاليسي کيڏي ٿو(حڪومت)

جُولاءِ 27, 2024

اسلام آباد (م ڊ) وفاقي حڪومت وقت کان اڳ چونڊن جو امڪان رد ڪندي چيو آهي ته اپوزيشن جي خواهش تي وقت کان اڳ چونڊون نه ٿيون ٿي سگهن،  اطلاعات واري وفاقي وزير عطا تارڙ چيو آهي ته خيبرپختونخوا جي وڏي وزير جي بيانن ۾ ٽڪراءُ آهي، گنڊاپور جلسن ۾ هڪ ڳالهه ۽ اجلاسن ۾ ٻي ڳالهه ڪري ٿو. اسلام آباد ۾ امير مقام سان گڏ پريس ڪانفرنس ڪندي عطا تارڙ چيو ته علي امين گنڊاپور ٻڌائي ته ٽمبر مافيا خلاف ڪهڙا قدم کنيائين؟ وفاقي وزير امير مقام چيو ته ملڪ ۾ ڪو آپريشن نه پيو ٿئي، سيڪيورٽي ادارا امن جي قيام کي يقيني بڻائيندا. هن چيو ته وڏي وزير جي ڳالهين تي حيراني ٿي، سيڪيورٽي فورسز دهشتگردن خلاف آپريشن ڪري رهيون آهن

لاڳاپيل پوسٽون

  • پنو عاقل : حادثي دوران زخمي نينگري ايمبولنس نه ملڻ تي فوت

  • لاڙڪاڻو: نينگر رائيس ڪئنال ۾ ٻڏي فوت

  • خيرپور: ميرواهه ڪئنال مان هٿ آيل لاش جي سڃاڻپ

  • وياج جي شرح 11 سيڪڙو برقرار