پاڪستان کي قرضن جي ڌٻڻ مان ٻاهر ڪڍڻ لاءِ ذاتي پسند ناپسند کي دفن ڪرڻو پوندو: وزيراعظم شهباز شريف

مارچ 8, 2024

پاڪستان کي قرضن جي ڌٻڻ مان ٻاهر ڪڍڻ لاءِ ذاتي پسند ناپسند کي دفن ڪرڻو پوندو، پاڪستان جي خاطر سڀني کي گڏجي ويهڻو پوندو: وزيراعظم شهباز شريف جون آزاد ڪشمير جي راڄڌاني مظفر آباد جي دوري دوران ڳالهيون، شهباز شريف آزاد ڪشمير جي وزيراعظم چوڌري انوار الحق سان ملاقات به ڪئي، شهباز شريف آزاد ڪشمير جي وزيراعظم کي غير مشروط حمايت جي خاطري ڪرائيندي چيو ته ڪشميرين جي حق خود اراديت واري تحريڪ ۾ پاڪستان ساڻن ڪلهو ڪلهي ۾ ملائي بيهندو، وزيراعظم شهباز شريف آزاد ڪشمير جي برسات ۽ برفباري جي متاثرين سان ملاقات به ڪئي، شهباز شريف برسات ۾ مڪمل طور ڊهي پيل گهرن جي لاءِ متاثرين کي 7-7 لک روپين جا معاوضا ڏيڻ جو اعلان به ڪيو، وزيراعظم چيو ته ٽيڪس چور مافيا پاڪستان کي نقصان پهچائي رهي آهي، وقت اچي ويو آهي ته اسان هنن جي خلاف اٿي بيهون

Leave A Comment