جمهوري ادارن کي مضبوط ڪرڻ لاءِ گڏجي سڌارا آڻڻ گهرجن: صدر آصف علي زرداري

سيپٽمبر 16, 2024

اسلام آباد (بيورو رپورٽ) صدر آصف علي زرداري ۽ وزيراعظم شهباز شريف  جمهوريت ۽ قانون جي حڪمراني لاءِ  عزم ورجائي ڇڏيو، پاڪستان سميت سڄي دنيا ۾ جمهوريت جو عالمي ڏهاڙو ملهايو ويو، جمهوريت جي عالمي ڏهاڙي جي موقعي تي پنهنجي پيغام ۾ صدر آصف  علي زرداري  چيو ته قوم کي درپيش چئلينجز جو حل متحرڪ ۽ فعال جمهوري عمل ۾ آهي، صدر طرفان پاڪستان ۾  جمهوريت کي مستحڪم ڪرڻ لاءِ  جمهوري  ادارن کي مضبوط ڪرڻ، ضروري سڌارن ۽ اجتماعي طور تي  ڪم ڪرڻ جي ضرورت تي زور ڏنو، وزيراعظم شهباز شريف پنهنجي پيغام ۾ چيو آهي ته جمهوريت جي مضبوطي ۽ قانون جي حڪمراني اڻٽر بڻجي وئي آهي، جمهوري روايتن کي هٿي ڏيڻ سان ئي جمهوريت جي بالادستي  ممڪن آهي

 

Leave A Comment