اڄ امن جو عالمي ڏينهن : سنڌ ۾ 24 کان وڌيڪ ماڻهو ڌاڙيلن وٽ قيد

سيپٽمبر 21, 2024

حيدرآباد(رپورٽ: عظمت الله ڪنڀر) پاڪستان سميت سڄي دنيا ۾ اڄ امن جو عالمي ڏينهن ملهايو پيو وڃي، هن ڏينهن کي ملهائڻ جو مقصد سڄي دنيا جي عام ماڻهن کي امن جي اهميت، جنگن جي تباهي ۽ نقصانن بابت آگاهي ڏيڻ، رواداري، هم آهنگي، انسانيت جي احترام جهڙين روايتن کي هٿي ڏيڻ ۽ ان حوالي سان شعور اجاگر ڪرڻ آهي. هي ڏينهن 2001ع کان ملهايو يو وڃي ۽ هن ڀيري 25هون ڀيرو ملهايو پيو وڃي، عدم تشدد ۽ جنگ بندي توڙي امن جي عالمي ڏينهن جي حوالي سان سڄي ملڪ ۾ سياسي ۽ سماجي تنظيمن پاران تقريبون منعقد ڪيون وينديون، جن ۾ عدم تشدد ۽ امن جي سوچ کي فروغ ڏيڻ لاءِ مختلف پروگرامن جو انعقاد ڪري ويو قرارداد پاس ڪيون وينديون، هن سال هي ڏهاڙو ” امن جي ثقافت کي وڌائڻ“ جي سري هيٺ ملهايو پيووڃي،  دنيا ۾ امن بابت ڪم ڪندڙ عالمي ادارن جو چوڻ آهي ته امن کي ثقافت ذريعي هٿي وٺرائي وڃي ۽ هن سال موضوع به انهي ڪري رکيو آهي ته دنيا ۾ بين المذهبي هم آهنگي کي هٿي ڏني وڃي، امن ۽ ڀائيچاري جي فضا قائم ڪرڻ ۽ سماج کي هڪ ٻئي جي ويجهو آڻڻ جا قدم کنيا وڃن. ٻئي طرف گڏيل قومن جو چوڻ آهي ته امن نه رڳو تڪرار جي غير موجودگي آهي، پر هڪ مثبت ۽ متحرڪ شرڪت واري عمل جي پڻ ضرورت آهي، جتي ڳالهين جي حوصلا افزائي ڪئي وڃي ۽ تڪرار کي گڏيل سمجهه ۽ تعاون جي جذبي سان حل ڪيو وڃي، گڏيل قومن جو اهو به چوڻ آهي ته  دنيا ۾ اڀرندڙ سياسي تڪرارن جي پرامن طريقي سان حل ڪرڻ جو ان کان وڌيڪ بهتر وقت ڪڏهن به نه آيو آهي،  امن جي ثقافت لاءِ گهربل قدرن کي بيان ڪيو وڃي، جن ۾  زندگيءَ جو احترام، انساني حق ۽ بنيادي آزاديون، تعليم، گفتگو ۽ تعاون ذريعي عدم تشدد جي فروغ، تڪرار جي پرامن حل لاء عزم، انصاف، جمهوريت، رواداري، ايڪتا، تعاون، سماج جي سڀني سطحن ۽ قومن جي وچ ۾ گفتگو ۽ سمجهه تي عمل ڪرڻ ۽ ثقافت کي هٿي وٺرائڻ شامل آهن، هن ڏينهن جو مقصد ايندڙ نسلن کي امڪاني جنگين کان بچائڻ ۽ دنيا ۾ امن قائم ڪرڻ آهي. ٻئي طرف پاڪستان ۾ امن جي حوالي سان نظر وجهجي ته سڄي دنيا عالمي امن جي ڳالهه ڪري ٿي پر بدقسمتيس سان پاڪستان اندر بدامني عروج تي آهي، خاص ڪري سنڌ صوبي ۾ ڌاڙيل ڪلچر، ٽارگيٽ ڪلنگ، اغوا ۽ ٻين مامرن جي ملڪ ۾ امن هڪ خواب بڻجي ويو آهي، سنڌ جي ڳوٺ ڳوٺ مان امن جو پکي ڄڻ اڏامي ويو آهي، نه رڳو اهو پر تڪڙو انصاف نه ملڻ سبب پڻ بدامني ۾ تمام گهڻي واڌ ٿي آهي، روز درجنن جي انگ ۾ ماڻهو ڦرجن ۽ قتل ڪيا وڃن ٿا، سنڌ جي ڪشمور، ڪنڌڪوٽ، سکر، لاڙڪاڻو ۽ گهوٽڪي ضلعن ۾ ته قانون جي رٽ پڻ چئليج بڻيل آهي، جنهن جي ڪري وڏي پئماني تي انهن ضلعن ۾ لڏپلاڻ ٿي آهي، سنڌ جا 2 درجن کان وڌيڪ ماڻهو ڌاڙيلن وٽ قيد آهن، معصوم ٻارڙي پريا ڪماري جي آزادي لاءِ سڄي سنڌ 4 سالن کان سراپا احتجاج آهي پر اڃا تائين بازياب ناهي ٿي سگهي، جڏهن ته ٻئي طرف قبيلائي جهيڙن ۾ پڻ روز ڪيترائي ماڻهو گوليون جو کاڄ بڻجي رهيا آهن، انهي ڪري عالمي ادران پاڪستان ۾ امن جي خراب صورتحال تي تمام  گهڻي ڳڻتي جو پڻ اظهار ڪيو آهي.

پاڪستان بدامني ۾ اڳتي، پرامن ملڪن جي لسٽ ۾ 140هين نمبر  تي ، ڀارت جون 116هون نمبر

حيدرآباد: دنيا ۾ پرامن ملڪن جي لسٽ جاري ڪئي وئي آهي، جنهن ۾ پهرين نمبر تي آئس لينڊ، ٻئي نمبر تي آئرلينڊ، ٽئين نمبر تي آسٽريا، چوٿين نيوزيلينڊ، پنجين تي سنگاپور آهي، سوئٽزلينڊ، پرتگال، ڊينمارڪ، سلوانيا ۽ ملائيشيا کي پڻ دنيا جو پر امن ملڪ قرار ڏنو ويو آهي، جڏهن ته پاڪستان ان لسٽ ۾ 140هين نمبر تي آهي، چين 88هين ۽ ڀارت 116هين نمبر تي آهن، دنيا جي خطرناڪ ملڪن ۾ يمن، سوڊان، افغانستان، يوڪرين، ڪانگو، روس، سريا، اسرائيل ۽ مالي کي قرار ڏنو ويو آهي.

دنيا جا آزاد ملڪ ۽ رياستون انساني حقن جو احترام ڪرڻ جون پابند

حيدرآباد:  دنيا جا 192 کان وڌيڪ آزاد ملڪ ۽ رياستون پابند آهن ته اهي انساني حقن جو احترام ڪرڻ ۽ پوري دنيا ۾ امن جو جهنڊو بلند ڪرڻ، مذهب، ٻولي، رنگ، نسل ۽ جنس جي بنا ڪنهن فرق جي   هٿر ممڪجن ڪوشش ڪن، 1960ع واري ڏهاڪي ۾ پاڪستان گڏيل قومن جي امن مشن جو حصو بڻيو، هن وقت تائين 171 ماڻهو عالمي سطح تي انسانيت جي بقا لاءِ جانين جو نذرانو ڏئي چڪا آهن، جڏهن ته 2 لک کان وڌيڪ فوجين خدمتون سرانجام ڏنيون آهن. پاڪستان 46 امن مشنز ۾ حصو وٺندڙ ملڪ آهي، آگسٽ 1960ع ۾ پاڪستان جي فوج ڪانگو ۾ امن جي بحاليءَ لاءِ گڏيل قومن جي پرچم هيٺ پنهنجو پهريون دستو مقرر ڪيو. امن مشن ۾ عام سپاهين، آفيسرن ۽ عملي کان علاوه مائن ڪليئرنس اهلڪار به شامل هئا، ان کان علاوه جيڪڏهن موجوده صورتحال جو جائزو ورتو وڃي ته پاڪ فوج جا 4399 اهلڪار امن مشنز تي مقرر آهن، بهادر مردن سان گڏ، بهادر قوم جون بهادر ڌيئرون به انهن ڏکايل علائقن ۾ ’بلو هيلمٽ‘ يعني امن جي علامت پائڻ ۾ خدمتون سرانجام ڏئي رهيون آهن.

ڳڙهي حسن مان اغوا ٿيل دڪاندار جو هڪ ڪروڙ ڀنگ طلب

ٺل (ن پ ا) ٺل ويجهو ڏيڍ مهينو اڳ ڳڙهي حسن مان اغوا ٿيل دڪاندار صدام ڀٽي جي بازيابي لاءِ ٻئي ڏينهن به رهبر چوڪ کان احتجاجي مظاهرو ڪري علامتي بک هڙتالي ڪئمپ جاري رکي وئي،  احتجاج ڪندڙن بابو ڀٽي،عبدالنبي ڀٽي،لياقت سرڪي، مامو شمن سومرو ۽ ٻين چيو ته پوليس مغوي جي بازيابي لاءِ ڪجھه ناهي ڪيو،  جوابدارن صدام ڀٽي جي وارثن کان هڪ ڪروڙ رپيا ڀنگ طلب ڪيو آهي، کيس بازياب ڪرايو وڃي.

شڪارپور پوليس معصوم ٻار بازياب ڪرائڻ ۾ ناڪام: ڌرڻو

شڪارپور (رپورٽر) شڪارپور جي گلشن مصطفيٰ ڪالوني مان مبينا طور اغوا ڪيل ٻن ورھين جو ناصر بکراڻي ھڪ ھفتو گذري وڃڻ باوجود بازياب ناھي ٿي سگھيو، نينگر جي وارثن، جي يو آءِ جي ڪارڪنن ۽ سڄاڻ ڌرين ايس ايس پي آفيس آڏو احتجاجي مظاھرو ڪري ڌرڻو ھنيو، اڳواڻن مولانا عبدالصمد بکراڻي،قاري محمد چاچڙ،ھمير چانڊيو،منيف بروھي، مولانا عبدالغفور سومرو ۽ ٻين چيو ته ھڪ ھفتو گذري ويو آھي پر اسان جو معصوم ٻارڙو خبر ناھي ڪھڙي حال ۾ آھي،پوليس انتظاميا شڪارپور ضلعي کي ڏوھارين ۽ اغوا ڪندڙن جي حوالي ڪري ڇڏيو آھي، جوابدارن خلاف ڪابه ڪارروائي نه ڪئي وئي آهي، هنن چيو ته پوليس کي ھفتي جي مھلت ڏين ٿا جنھن بعد ٻي صورت م جيڪب آباد، شڪارپور ۽ سکر شڪارپور باءِ پاس  روڊ تي احتجاجي ڪئمپ لڳائي احتجاج ڪنداسين.

Leave A Comment