”اڄ جو حملو رياست تي رياست جو حملو آهي“ اسرائيل تي ايراني ميزائل حملي کانپوءِ آمريڪي ردِعمل
آڪٽوبر 2, 2024
آمريڪي پرڏيهي کاتي جي ترجمان ميٿيو ملر چيو آهي ته ايران سڌو سنئون اسرائيل تي حملو ڪيو آهي، اڄ جو حملو هڪ رياست طرفان هڪ رياست تي حملو آهي، اسرائيل کي پنهنجي دفاع جو حق حاصل آهي
واشنگٽن ۾ پريس ڪانفرنس ڪندي ميٿيو ملر چيو ته کيس ايران جي اسرائيل تي ميزائل حملي جي خبر آهي، ايران اسرائيل تي 200 ميزائل فائر ڪيا، حملن خلاف اسرائيل سان گڏ بيٺو آهي
هن چيو ته ايران اسرائيل تي حملي کان اڳ آمريڪا کي آگاهه نه ڪيو هو، حملن دوران ۽ بعد ۾ آمريڪا ۽ اسرائيل رابطي ۾ هئا، هو صورتحال جو جائزو وٺي رهيا آهن، اتحادين سان به ڳالهيون ڪري رهيا آهن
آمريڪي پرڏيهي کاتي جي ترجمان ميٿيو ملر پريس بريفنگ دوران چيو ته آمريڪا ايران جي ميزائل حملن کي روڪڻ ۾ اسرائيل جي مدد ڪئي، آمريڪي اڏاوتون ايراني حملي کان محفوظ آهن
آمريڪي پرڏيهي کاتي جي ترجمان جو چوڻ هو ته ايران سالن کان دهشتگرد گروپن جي سرپرستي ڪري رهيو آهي، حماس ڳالهين جي ميز تي نه اچي رهي هئي، حماس ڳالهين لاءِ راضي نه ٿيڻ سبب جنگ بندي نه ٿي سگهي