پي ٽي آءِ جو اڄ احتجاج: پنجاب ۾ قلم 144 لاڳو ، ريلين ۽ ڌرڻن مٿان پابندي
جُولاءِ 26, 2024
لاهور (م ڊ) پي ٽي آءِ طرفان احتجاج جي سڏ تي پنجاب حڪومت قدم کڻي ورتو، صوبي ۾ قلم 144 لاڳو ڪيو ويو. گهرو وزارت پنجاب ۾ جلسا، جلوس، ريليون، ڌرڻن ۽ احتجاج تي پابندي لڳائي ڇڏي، صوبي ۾ 3 ڏينهن لاءِ قلم 144 لاڳو ڪيو ويو آهي، پابندي جمعي 26 جولاءِ کان آچر 28 جولاءِ تائين هوندي، امن امان جي قيام، انساني حياتين ۽ ملڪيتن جي تحفظ لاءِ قلم 144 لاڳو ڪيو ويو آهي. پابندي جو اعلان دهشتگردي جي خطرن کي نظر ۾ رکندي ڪيو ويو، سيڪيورٽي خطرن کي نظر ۾ رکندي عوامي اجتماع، دهشتگردن لاءِ سافٽ ٽارگيٽ ٿي سگهن ٿا، عوامي مفاد ۾ قلم 144 جو لاڳو سموري صوبي ۾ ڪيو ويو آهي. گهرو وزارت موجب پنجاب ۾ انتظاميه حڪم نامي تي عمل يقيني بنائيندي، عوامي آگاهي لاءِ قلم 144 جي نفاذ جي وڏي پيماني تي مشهوري جي به هدايت ڪئي وئي آهي.