پاڪستان سميت سموري دنيا ۾ اڄ مزدورن جو ڏهاڙو ملهايو پيو وڃي

مَي 1, 2024

….پاڪستان سميت سموري دنيا ۾ اڄ مزدورن جو ڏهاڙو ملهايو پيو وڃي، اسلام آباد، ڪراچي، لاهور، پشاور ۽ ڪوئيٽا سميت ننڍن وڏن شهرن ۾ پورهيتن جي حقن بابت جاڳرتا پيدا ڪرڻ لاءِ ريليون، تقريبون ۽ ميڙاڪا، مزدورن جي ڏهاڙي تي سکر، گهوٽڪي، ڪنڌڪوٽ، شهدادڪوٽ، شيخ ڀرڪيو ۽ ٻين شهرن ۾ تقريبون، شهدادپور، دڙو، ميروخان، ڪنڌرا، فيض گنج ۽ ڏيپلو ۾ ريليون، مٽياري، ميهڙ، ڀريا سٽي، ڪنري، سيٺارجا ۽ ٻين شهرن ۾ به پورهيتن جي ڏهاڙي تي تقريبون، شڪاگو جي شهيدن کي ڀيٽا پيش ڪئي وئي، ريلين ۽ تقريبن کي خطاب ڪندي اڳواڻن چيو ته مزدورن لاءِ اعلانيل گهٽ ۾ گهٽ اجوري جي ادائگي يقيني بڻائي وڃي، مزدورن جي پورهيتن لاءِ تعليم، صحت ۽ سوشل سيڪيورٽي جون سموريون سهولتون ڏيڻ جو مطالبو

مزدور اڄ عام موڪل هئڻ باوجود پنهنجي ئي ڏهاڙي تي ٻچن جي پيٽ گذر لاءِ پورهيو ڪندي نظر اچي رهيا آهن، سنڌ جي پورهيتن کي سرڪار جو اعلانيل گهٽ ۾ گهٽ اجورو نه ملي سگهيو، پرائيويٽ سيڪٽر ۾ ڪم ڪندڙ لکين مزدور صحت سميت سوشل سڪيورٽي جي بنيادي سهولتن کان محروم، ڳاٽي ٽوڙ مهانگائي جي دور ۾ پورهيت لاءِ ٻار پڙهائڻ ته ٺهيو پر ٻه ويلا ماني کارائڻ به هڪ وڏو چئلينج بڻيل

صدر آصف زرداري چيو آهي ته پاڪستان ۾ پورهيت طبقو مختلف چئلينجز کي منهن ڏئي رهيو آهي، مزدورن جي اجرت جي حوالي سان منصفاڻو رويو اختيار ڪيو وڃي، مزدورن جي عالمي ڏينهن جي موقعي تي پنهنجي پيغام ۾ صدر آصف زرداري طرفان مزدورن جي تاريخي جدوجهد ۽ شڪاگو جي شهيدن کي ڀيٽا پيش، مزدورن جي وقار کي برقرار رکڻ جي عزم جو اظهار

Leave A Comment