توشا خانه ٽو ڪيس ۾ بشريٰ جي ضمانت، آزاد نه ٿي: جسٽس فائز جهڙو ڪيس آهي: هاءِ ڪورٽ
آڪٽوبر 24, 2024
اسلام آباد (بيورو رپورٽ) توشا خانه ڪيس ٽو ۾ ضمانت باوجود بشريٰ بي بي آزاد نه ٿي، اسلام آباد هاءِ ڪورٽ ضمانت تي آزادي جو حڪم ڏنو، پر ٽرائل ڪورٽ مان روبڪار جاري نه ٿي سگهيا
سينيئر اسپيشل شاهه رخ ارجمند عدالت ۾ موجود نه هو، اسپيشل جج سينٽرل همايون دلاور به موڪل تي ويل هو، ايڊمنسٽريٽو جج جواد عباس اڳ ئي عدالتي ڪمري مان نڪري چُڪو هو
پي ٽي آءِ وڪيل ضمانتي مچلڪا جمع ڪرائڻ لاءِ شام 5 وڳي تائين عدالتن جا چڪر لڳائيندا رهيا، اُن کان اڳ اسلام آباد هاءِ ڪورٽ 10 لک رپين جي مچلڪن عيوض بشريٰ بي بي کي ضمانت تي آزاد ڪرڻ جو حڪم ڏنو
عدالت ايف آءِ اي کان پڇاڻو ڪيو ته بشريٰ بي بي تحفا جمع نه ڪرايا ته باني تحريڪ انصاف کي جوابدار ڇو بڻايو ويو؟ ايف آءِ اي پراسيڪيوٽر عدالت کي ٻڌايو ته ڇو ته باني تحريڪ انصاف پبلڪ آفيسر هولڊر هيو ۽ تحفا ان کي مليا
جسٽس ميان گل حسن اورنگزيب چيو هي ته جسٽس قاضي فائز عيسيٰ جي طرز وارو ڪيس آهي، هن ڪيس ۾ به مڙس کي زال لاءِ ذميوار قرار ڏنو ويو هو
پراسيڪيوٽر ٻڌايو ته هي ڪيس اهڙي تحفي متعلق آهي جيڪو جمع ناهي ڪرايو ويو، جسٽس ميان گل حسن اورنگزيب چيو ته توشا خانه جي تحفي جي قيمت جو درست ڪاٿو نيلامي جي ذريعي ئي لڳائي سگهجي ٿو، اوهان ڪنهن دڪان تان گهڙي خريد ڪري نڪرو ۽ پوءِ بعد ۾ ان کان ئي قيمت لڳرايو ته ڇا قيمت لڳندي؟
عدالتي ڊپٽي اٽارني جنرل کي مخاطب ڪندي چيو ته جيڪڏهن اوهان کي موقعو ملي ته آذربائيجان وڃي ڏسو اتي هڪ ميوزيم آهي جتي صدرن کي ملڻ وارا تحفا رکيا ويندا آهن، انهن جون تصويرون به موجود آهن
ياسر عرفات پاران مسجد اقصيٰ جي ماڊل وارو تحفو به اتي موجود آهي. مون کي اُتي صرف محترمه بينظير ڀٽو جي تصوير نظر آئي بدقمستيءَ سان ڪنهن ٻئي جي ڪا تصوير نظر نه آئي
عدالت پڇاڻو ڪيو ته هاڻي جيڪڏهن هي يلغاري سيٽ واپس ڪري ڇڏين ته ڇا ٿيندو؟ پراسيڪيوٽر ٻڌايو ته نيب قانون ۾ پلي بارگيننگ آهي پر ان قانون ۾ اهڙي ڪا شق موجود ناهي