توشاخانه نئون ڪيس: عمران ۽ بشريٰ کان چوٿون ڀيرو پڇاڳاڇا، گرفتاري لاءِ عدالت سان رابطو

جُولاءِ 19, 2024

راولپنڊي ( م ڊ ) نيب جي ٽيم توشا خانا ريفرنس ۾ عمران خان ۽ بشريٰ بي بي کان چوٿون ڀيرو پڇا ڳاڇا ڪئي آهي. پي ٽي آءِ باني عمران خان ۽ سندس گهرواري بشريٰ بي بي خلاف توشا خانا جي نئين ريفرنس جي جاچ لاءِ نيب ٽيم ڊپٽي ڊائريڪٽر محسن هارون جي سربراهي ۾ اڊيالا جيل پهتي. نيب جي جاچ ٽيم گيٽ پنج کان اڊيالا جيل اندر داخل ٿي ۽ پي ٽي آءِ باني ۽ سندس گهرواري بشري بي بي کان چوٿون ڀيرو پڇا ڳاڇا ڪري واپس رواني ٿي وئي. نيب جي ٽيم جوابدارن کان توشاخانا جي نئين ريفرنس جي حوالي تحفي ۾ مليل بلغاري جيولري سيٽ بابت سوال ڪيا. نيب جي جاچ ٽيم عمران خان ۽ بشريٰ بي بي کان اٽڪل هڪ ڪلاڪ تائين پڇاڳاڇا ڪئي. واضح رهي ته نيب جوابدارن جو احتساب عدالت ۾ اٺ ڏينهن جو جسماني رمانڊ حاصل ڪيو آهي، جوابدارن کي 22 جولاءِ تي ڪيس بابت اڳڀرائي رپورٽ سان گڏ ٻيهر عدالت ۾ پيش ڪيو ويندو. جڏهن ته ٻنهي جي گرفتاري لاءِ اسلام آباد هاءِ ڪورٽ سان رابطو ڪيو ويو.

Leave A Comment